موسمياتي تبديليون: ”مستقبل ۾ ڪلائوڊ برسٽ جو انگ به وڌندو ۽ شدت به“

ڪڪر ڦاٽڻ جي سائنس ۽ پاڪستان لاءِ موسمي تبديلي جو بحران
خيبر پختونخوا جي مختلف ضلعن، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير ۾ ڪڪر ڦاٽڻ سبب وڏي پيماني تباهي ٿي آهي ۽ مختلف حادثن ۾ هينئر تائين 146 ماڻهو فوت جڏهن ته ڪيترائي زخمي ٿي چڪا آهن.
ريسڪيو اهلڪار موجب، خيبر پختونخوا جي باجوڙ ضلعي جي تعلقي سالارزئي جي علائقي جبراڙئي ۾ ڪالهه رات آيل ٻوڏ وهڪري سبب ڪيئي گهر تباهه ٿي ويا، روڊ، رستا ۽ پُل پاڻي ۾ لڙهي ويا.

ڪلائوڊ برسٽ يا ڪڪر ڦاٽڻ ڇا آهي؟
موسميات کاتي جي تعريف موجب، جيڪڏهن ڪنهن ننڍڙي علائقي (هڪ کان ڏهه ڪلوميٽر جي اندر) ۾ هڪ ڪلاڪ ۾ 10 سينٽي ميٽر يا ان کان وڌيڪ تيز مينهن وسي، ته ان کي ”ڪڪر ڦاٽڻ“ چيو وڃي ٿو.
ڪلائوڊ برسٽ يا ڪڪر ڦاٽڻ جو مطلب ڪنهن مخصوص علائقي ۾ اوچتو گجگوڙ ۽ کنوڻ سان گڏ تمام گهڻو ۽ تيز مينهن وسڻ آهي جنهن سبب ٻوڏ واري صورتحال پيدا ٿي ويندي آهي.
ائين ان وقت ٿيندو آهي جڏهن ڌرتي يا فضا ۾ موجود ڪڪرن جي هيٺان گرم هوا جي لهر مٿي اُٿي ٿي ۽ ڪڪر ۾ موجود مينهن جي ڦڙين کي پاڻ سان گڏ وٺي وڃي.
ان صورت ۾ عام طريقي سان مينهن ناهي وسندو پر ڪڪرن ۾ ٻاڦ مان پاڻي ٺهڻ جو عمل گهنو تيز ٿي ويندو آهي ڇو ته مينهن جا نوان ڦڙا ٺهن ٿا ۽ پراڻا قطرا ٻيهر مٿي ڪڪرن ڏانهن موٽي وڃن ٿا، جنهن جو نتيجو طوفاني برسات جي صورت ۾ نڪري ٿو ڇو جو ڪڪر پاڻي جي ايڏي وڏي بار کي برداشت نه ٿا ڪري سگهن.
موسميات کاتي موجب، جيڪڏهن ڪنهن ننڍڙي علائقي ۾ مختصر وقت ۾ تيز برسات ٿئي ته ان کي ڪلائوڊ برسٽ چيو وڃي ٿو، ان لاءِ ضروري آهي ته مخصوص علائقي ۾ هڪ ڪلاڪ ۾ گهٽ ۾ گهٽ 200 ملي ميٽر مينهن رڪارڊ ڪيو وڃي.
سولن لفظن ۾ اهو عمل ڪجهه اهڙو هوندو آهي جيئن پاڻي جي بالٽي اوچتو اونڌي ٿي وڃڻ کانپوءِ پاڻي تيزي سان وهي ٿو، اهڙي نموني ڪلائوڊ برسٽ ۾ پاڻي زمين تي ڪري ٿو.
عام طور تي ائين جابلو علائقن ۾ چوماسي دوران ٿيندو آهي، جڏهن پاڻي جي تمام گهڻي مقدار گهٽ وقت ۾ هيٺ ڪري ٿي ته ٻوڏ واري صورتحال پيدا ٿي ويندي آهي، جنهن سبب آبادي ۽ فصلن کي نقصان پهچي ٿو.
پر ڪڏهن ڪڏهن شهري علائقن ۾ به ڪلائوڊ برسٽ ٿيندو آهي.
ماهرن جو چوڻ آهي ته موسمياتي تبديلين سبب ڪڪر ڦاٽڻ جا واقعا وڌيڪ عام ٿي رهيا آهن، جيتوڻيڪ اڳ ائين تمام گهٽ ٿيندو هو.
ماهرن موجب، مستقبل ۾ موسمياتي تبديلي سبب اهڙن واقعن جي انگ ۽ شدت ۾ وڌيڪ واڌ جو انديشو آهي.

ڇا ڪڪر ڦاٽڻ جي اڳڪٿي ڪري سگهجي ٿي؟
ڪڪر ڦاٽڻ جو واقعو هڪ کان ڏهه ڪلوميٽر جي فاصلي تي ننڍي پيماني تي موسمي تبديلي سبب ٿيندو آهي، اهڙيءَ سبب ان جي اڳڪٿي ڪرڻ ڏکيو آهي.
موسميات کاتو ريڊار جي مدد سان ڪنهن وڏي علائقي ۾ تمام گهڻي برسات جي اڳڪٿي ڪري سگهي ٿو، پر اهو ٻڌائڻ ڏکيو آهي ته ڪڪر ڪهڙي خاص علائقي ۾ ڦاٽندو.
موسميات کاتي موجب، اهڙين موسمي تبديلين جي اڳڪٿي يا نگراني لاءِ، ”ڪڪر ڦاٽڻ“ وارن علائقن ۾ هڪ گھڻن ريڊارز جو نيٽ ورڪ تمام اعليٰ ريزوليشن وارا موسمي اڳڪٿي ماڊل گهربل آهن، جيڪي اهڙي قسم جي ننڍي پيماني وارن واقعن کي به پڪڙي سگهن.

ڇا ڪلائوڊ برسٽ  جا واقعا رڳو چوماسي دوران پيش اچن ٿا؟
جيتوڻيڪ ڪڪر ڦاٽڻ جو امڪان ميداني علائقن ۾ به ٿي سگهي ٿو، پر جابلو علائقن ۾ اهو وڌيڪ ٿيندو آهي.
ان جي سبب اهو آهي ته هتان جون پهاڙيءَ واريون ٽڪرين ڪڪر کي مٿي اڀرڻ ۽ تيز برسات پيدا ڪرڻ لاءِ سازگار ماحول فراهم ڪن ٿيون.
اهڙا واقعا چوماسي دوران ۽ ان کان ڪجهه اڳ ۾ وڌيڪ ڏسڻ ۾ ايندا آهن.
اهوڀارت جي اترين علائقن ۾ مئي کان جولاءِ ۽ آگسٽ وچ ڌاران عام نظر ايندو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.