انسٽاگرام ۾ هڪ نئين فيچر پڪس جي آزمائش ٿي رهي آهي.
ان فيچر جو مقصد واهپيدارن کي گڏيل دلچسپين جي ڳولا ۾ ۾ مدد ڏيڻ آهي.
انسٽاگرام تصديق ڪئي آهي ته اِهو فيچر آزمائشي مرحلي ۾ آهي ۽ في الحال واهپيدارن لاءِ دستياب ناهي.
هن فيچر تحت صارف پنهنجي پسنديده فلمن، ڪتابن، ٽي وي شوز، گيمز ۽ موسيقيءَ جي چونڊ ڪري سگهندا، جن کي پڪس قرار ڏنو ويندو ۽ پوءِ انسٽاگرام طرفان اهڙن دوستن بابت ٻڌائيندو جيڪي انهن کي چونڊي چڪا آهن.
ڪمپني وڌيڪ تفصيل نه ڄاڻايا، پر لڳي ٿو ته فيچر جو مقصد ماڻهن کي دوستن سان ويجهو آڻڻ ۽ گڏيل دلچسپين وارن موضوعن تي ڳالهه ٻولهه وڌائڻ آهي.
انسٽاگرام جي سربراهه ايڊم موسيري ڪجهه مهينا اڳ چيو هو ته هي سال دوستن سان تعلق ۽ تخليق جو سال هوندو.
جيئن ته هي فيچر اڃان آزمائشي مرحلي ۾ آهي، تنهن ڪري اِهو چوڻ مشڪل آهي ته سڀني واهپيدارن لاءِ ڪڏهن دستياب ٿيندو.
Prev Post
You might also like