اسلام آباد(بيورو+م ڊ)وفاقي حڪومت ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي نمائندن وچ ۾ اربع تي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جي آفيس ۾ ملاقات ٿي، جنهن ۾ ٻنهي ڌرين ڳالهين جي امڪان تي ڳالهايو، جڏهن ته اسپيڪر، پي ٽي آءِ جي وقاص اڪرم شيخ خلاف تاديبي ڪارروائي لاءِ ووٽنگ جو عمل خيرسگالي جي جذبي تحت ملتوي ڪري ڇڏيو،ذريعن موجب اسپيڪر قومي اسيمبلي سردار اياز صادق، وفاقي قانون وزير اعظم نذير تارڙ ۽ پارلياماني معاملن واري وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري، پي ٽي آءِ وفد کي سهولت ڏيندي شيخ وقاص اڪرم جي 40 ڏينهن کان وڌيڪ ايون کان غيرحاضري بابت سزا جي قرارداد روڪي رکي،هن قدم کي ممڪن ڳالهين کان اڳ سياسي تڪرار گهٽائڻ جي ڪوشش قرار ڏنو پيو وڃي، ملاقات دوران اسپيڪر سياسي عمل ۾ شموليت جي ضرورت تي زور ڏنو، جنهن جي حمايت اعظم نذير تارڙ ۽ طارق فضل چوڌري به ڪئي۔ پي ٽي آءِ وفد، معاملي تي پنهنجي پارلياماني پارٽي ۽ ٻين اڳواڻن سان صلاح مشورا ڪرڻ جي يقين دهاني ڪرائي ۽ چيو ته هو جلد جواب ڏيندا۔ان دوران، پيپلز پارٽي جي سينيئر اڳواڻ سيد نويد قمر، اپوزيشن بينچن تي پي ٽي آءِ چيئرمين بيرسٽر گوهر علي خان ۽ اڳوڻي اسپيڪر اسد قيصر سان مليو ۽ کين صلاح ڏني ته هو سياسي رستو اختيار ڪن ته جيئن پيپلز پارٽي کين مدد ڏئي سگهي۔اسپيڪر جي آفيس ۾ ٿيندڙ ملاقات ۾ جيتوڻيڪ ٻنهي ڌرين ڳالهين جا حامي نظر آيا، پر ذريعن تصديق ڪئي ته ڪنهن به باقاعده عمل جي شروعات لاءِ جيل ۾ موجود پي ٽي آءِ باني عمران خان جي منظوري ضروري هوندي، جيڪو حڪومتي ڌرين سان ڳالهين جو مخالف آهي۔دلچسپ ڳالهه اها آهي ته اربع تي پي ٽي آءِ جي پارلياماني پارٽي جي اجلاس ۾ اڪثريت ڳالهين جي حمايت ڪئي، پر هڪ ذريعي موجب حتمي فيصلو عمران خان جو ئي هوندو۔