ڪنڌڪوٽ ۾ ڪراچي ويل هندو واپاري جي گهر مان ڏيڍ ڪروڙن جي چوري

ڪنڌ ڪوٽ (رپورٽ ممتاز سنڌي) ڪنڌ ڪوٽ شھر جي نانڪ واڙا  پاڙي ۾ بند پيل ھندو واپاري جي گھر مان ڏيڍ ڪروڙ روپين جي چوري ٿي وئي. گھر ڀاتين کي ڪراچي کان واپس اچڻ تي خبر  پئي. ڪنڌ  ڪوٽ اي سيڪشن ٿاڻي جي حد نانڪ واڙا  پاڙي ۾ ھندو واپاري دليپ ڪمار ننڍڙي جي علاج لاءِ ڪٽنب سميت ڪراچي ويل ھو جنهن جو پٽ ۽ گھر واري ڪراچي کان واپس اچڻ تي گھر جو تالو کولي اندر داخل ٿيا ته گھر جي الماري جا تالا ٽٽل ۽ سامان ڪريل ھو سار سنڀال ڪرڻ تي خبر پئي ته گھر ۾ پيل اٽڪل 30 کان 35 تولا سون ـ روڪ رقم جيڪا اٽڪل پنج لک روپيا ٻڌائي پئي وڃي، سا نامعلوم چور چوري ڪري گھر جون ٻيو ضرورت وارو سامان به کڻي ويا. گھر وارا  روڄ لاڙو ڪرڻ لڳا. واقعي جي اطلاع تي پوليس ٽيم واقعي واري ھنڌ پھچي جاچ شروع ڪري ڇڏي متاثرن جو چوڻ آهي ته اٽڪل ڏيڍ ڪروڙ روپين جي چوري ٿي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.