غزا تي اسرائيلي حملن ۾ وڌيڪ 100 فلسطيني شهيد

غزا (م ڊ) غزا تي اسرائيل جا وحشيانا فضائي ۽ زميني حملا اڳ کان وڌيڪ شدت اختيار ڪري ويا آهن، تازن حملن ۾ وڌيڪ 100  فلسطيني شهيد ٿي ويا. غزہ جي صحت واري وزارت موجب گذريل ڏينهن اسرائيلي ڪارروائين ۾ 92 فلسطيني شهيد ٿيا، جن ۾ 3 ٻار به شامل آهن، جڏهن⁠ ته 8 ماڻهو بک جي شدت سبب فوت ٿي ويا. انگن اکرن موجب، خوراڪ جي کوٽ سبب هن وقت تائين 106 ٻارن سميت 235 فلسطيني بک سبب حياتي وڃائي چڪا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.