پاڪستان ۾ معدنيات، هائڊرو ڪاربانز ڳولڻ چاهيون ٿا:آمريڪا

واشنگٽن(م ڊ)آمريڪا، پاڪستان کي 78هين آزاديءَ جي ڏهاڙي تي مبارڪباد ڏني آهي ۽ دهشتگردي خلاف پاڪستان جي ڪردار سان گڏ واپار ۾ تعاون کي ساراهيو آهي،آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو هڪ بيان ۾ چيو ته آمريڪا،  پاڪستاني عوام کي 14 آگسٽ جي موقعي تي گرمجوشي سان مبارڪباد پيش ڪري ٿو ۽ دهشتگردي جي خاتمي ۽ واپار ۾ پاڪستان جي ڪوششن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو۔هن چيو ته واشنگٽن، اسلام آباد سان اهم شعبن ۾ تعاون کي اهميت ڏئي ٿو ۽ اسان اهم معدنيات، هائيڊرو ڪاربانز سميت اقتصادي تعاون جا نوان موقعا ڳولڻ جا خواهشمند آهيون، ته جيئن ٻنهي ملڪن جي عوام لاءِ خوشحال مستقبل جو رستو هموار ٿي سگهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.