اسلام آباد (م ڊ) سپريم ڪورٽ ۾ 31 آڪٽوبر 2024 کان 29 مئي 2025 تائين ججز ڪميٽين جي اجلاسن جا منٽس ظاهر ڪيا ويا جن ۾ 26هين آئيني ترميم کانپوءِ سپريم ڪورٽ ۾ ٿيل مختلف اپائن بابت حقيقتون پهريون ڀيرو منظر تي اچي ويون. 26هين آئيني ترميم تي آئيني درخواستن جي آئيني بينچ ۾ ٻڌڻي جي راءِ 9 ججن ڪڏهن ۽ ڇو ڏني؟ چيف جسٽس يحييٰ آفريدي آئيني بينچ جو حصو بڻجڻ کان معذرت ڇو ڪئي؟ جسٽس منصور ۽ جسٽس منيب جي 26هين آئيني ترميم ڪيس فل ڪورٽ ۾ لڳائڻ واري فيصلي کانپوءِ ڇا ٿيو؟ ۽ چيف جسٽس فل ڪورٽ جو اجلاس ڇو نه گهرايو؟ سپريم ڪورٽ جي جاري ڪيل منتش ۾ تفصيل آهن. اجلاسن جي منٽس ۾ چيف جسٽس جو جسٽس منصور کي خط جو جواب به آهي. چيف جسٽس جو جوابي خط جسٽس منصور علي شاهه ۽ جسٽس اختر جي 31 آڪٽوبر جي اجلاس تي لکيو ويو، ٻنهي ججن اجلاس ۾ 26هين آئيني ترميم ڪيس 4 نومبر 2024 تي فل ڪورٽ ۾ لڳائڻ جو فيصلو ڪيو هو. چيف جسٽس پنهنجي خط ۾ لکيو ته آرٽيڪل 191 اي تحت آرٽيڪل 183/3 جي درخواست آئيني بينچ ئي ٻڌي سگهي ٿي، آرٽيڪل 191 اي جي ذيلي شق 4 تحت ججز آئيني ڪميٽي ئي ڪيس فڪس ڪرڻ جو معاملو ڏسي سگهي ٿي، آرٽيڪل 184 جي شق 3 تحت داخل آرٽيڪل 191 اي جي ذيلي شق 3 اي تحت آئيني بينچ ئي درخواست ٻڌي سگهي ٿي. جاري ڪيل منٽس موجب، چيف جسٽس جي خط ۾ چيو ويو آهي ته آرٽيڪل 191 اي جي شق 4 تحت آئيني بينچ جي ججن تي ٻڌل ڪميٽين کي معاملو حوالي ڪيو وڃي ٿو، ججز ڪميٽي 2023 ايڪٽ تحت ٺاهيل ڪميٽي ميمبر ججن جي ان ڳڻتي کي سمجهان ٿو، ڳڻتي آئين جي 26هين ترميم چئلينج ڪندڙ آئيني درخواستن کي ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪرڻ تي آهي. چيف جسٽس جي خط ۾ چيو ويو ته مان ذاتي طور تي سپريم ڪورٽ جي 13 ججن کان راءِ ورتي، ٻن ججن چيو ته آرٽيڪل 184 شق 3 تحت داخل 26هين آئيني ترميم ڪيس فل ڪورٽ ۾ ٻڌو وڃي، ججن کان پڇيو ته ڇا اهو 26هين آئيني ترميم کانپوءِ ٿي سگهي ٿو؟ 13 مان 9 ججن چيو ته 26هين آئيني ترميم خلاف درخواستون فل ڪورٽ نه آئيني بينچ ۾ ٻڌيون وڃن. خط ۾ چيو ويو ته جڏهن ججن جي راءِ اچي چڪي ته اهي حقيقتون ٻنهي ججن کي ٻڌائي ڇڏيون، ٻنهي ججن کي 13 ججن جي راءِ کان به آگاهه ڪيو ويو، چيف جسٽس طور فل ڪورٽ اجلاس گهرائڻ کي مناسب نه سمجهيو، ائين ڪرڻ سان ججن وچ ۾ ضروري گڏيل رابطن کي ڇيهو رسي ها، ان سان سپريم ڪورٽ عوامي تنقيد جو نشانو به بڻجي سگهي ٿي. چيف جسٽس جي خط جي متن موجب، جيئن ته افسوس سان ويجهي ماضي ۾ ٿيندو رهيو آهي، ان ئي پس منظر ۾ چيف جسٽس آفيس کي منجهند کانپوءِ دير سان ٻنهي ڀائر ججن جا خط مليا، ڪميٽي مهربند لفافن ۾ پنهنجي راءِ ڏني، ڪميٽي چيو ته هو فل ڪورٽ ۾ 26هين آئيني ترميم چئلينج ڪندڙ درخواستن جي ٻڌڻي جو چئي رهيا آهن. چيف جسٽس جي خط ۾ چيو ويو ته مجبوري ۾ اهي ٻئي خط ۽ انهن جا مهربند جواب سيڪريٽري جڊيشل ڪميشن حوالي ڪري ڇڏيا ۽ چيو ته ٻئي خط محفوظ رکيا وڃن، ايستائين جو جڊيشل ڪميشن جو اجلاس جيڪو 5 نومبر 2024 تي گهرايو ويو هو اهو ٿئي، جڊيشل ڪميشن کي درخواست آهي ته مون کانسواءِ ٻين ججن کي آئيني بينچ ۾ رکي.