گورنمينٽ ڪاليج حيدرآباد کي بند ڪرڻ وارو فيصلو واپس ورتو وڃي:ساڃاهه وند

حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ جي قومپرست ڌرين، تعليمدانن، سول سوسائٽي جي نمائندن ۽ صحافين حيدرآباد جي پهرين قديم ڪاليج گورنمينٽ ڪاليج حيدرآباد کي بند ڪرڻ جي نيت سان ڪاليج جي بجيٽ بند  ڪرڻ کانپوءِ 2025 جي نئين سال ۾ فرسٽ ايئر جي داخلا سرڪاري طور تي پورٽل تان هٽائڻ جي مذمت ڪندي مطالبو ڪيو آهي ته گورنمينٽ ڪاليج حيدرآباد کي بند ڪرڻ وارو فيصلو واپس ورتو وڃي. جڏهن ته نامياري تعليمدان پروفيسر يعقوب چانڊيو سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ تعليم کاتي جي وزير سيد سردار علي شاهه کي خط لکي اپيل ڪئي آهي ته سنڌ جي ٻئي نمبر وڏي شهر جي پهرين قديمي گورنمينٽ ڪاليج کي بند ڪرڻ جي نيت سان ٿيندڙ ڪاررواين جو نوٽيس وٺي تاريخي ڪاليج کي فعال انداز ۾ هلايو وڃي. پروفيسر يعقوب چانڊيو چار صفحن تي ٻڌل خط ۾ ڄاڻايو آهي ته گورنمينٽ ڪاليج کي 2020ع کان بند ڪرڻ جي نيت سان ڪاليج جي بجيٽ بند ڪئي وئي هئي ۽ 2025ع ۾ نئين سال ۾ ان جي فرسٽ ايئر جي داخلا سرڪاري طور داخلا پورٽل تان سيڪريٽري ڪاليجز شھاب قمر انصاري جي حڪم تي ختم ڪئي وئي، ڪاليج جي حوالي سان اخبارن ۽ سوشل ميڊيا تي خبرون اچڻ کانپوءِ شاگردن، سندن والدين ۽ سڄاڻ ڌرين پاران سخت ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو آهي. هوڏانهن پروفيسر يعقوب چانڊيو جي درخواست تي ايس يو پي جي صدر سيد زين شاهه، روشن ٻرڙو، رمضان ٻرڙو ايس، ايس ٽي پي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي، ڊاڪٽر حميد ميمڻ، ذوالفقار علي ڀٽو جونيئر، ڪيو اي ٽي جي سربراهه اياز لطيف پليجو، ساحر اياز، زاھد ڀنڀرو، عوامي ورڪرز پارٽي جي اڳواڻ بخشل ٿلھو، عاليا بخشل، اديب ۽ دانشورن حسين بخش ٿيٻو، يوسف لغاري، رٽائرڊ جسٽس نور الحق قريشي، تاج جويو، جامي چانڊيو، روماسا جامي، ڊاڪٽر قاضي خادم، رٽائرڊ آءِ جي نجف مرزا، نصير مرزا، انعام شيخ، لال بخش جسڪاڻي، غلام نبي مغل، ڊاڪٽر امام علي مرزا، ناز سنائي، سليم چنا، منصور قادر جوڻيجو، زاھده ابڙو، شفيع چانڊیو، گلشير ڪوريجو، علي اڪبر سومرو، نزاڪت علي فاضلاڻي، پروفيسر ڊاڪٽر امداد صديقي، پروفيسر شيرين گل، راز شاھاڻي، زيب سنڌي، ڊاڪٽر فائزه مرزا، پروفيسر دلشاد مرزا، پروفیسر نظير قاسمي، پروفيسر اقبال قاضي، نذير ملڪاڻي، پروفيسر سريش واڌواڻي، پروفيسر محسن، ڊاڪٽر طارق ڀٽي، موھن مدھوش، واحد ڪانڌڙو، شاهه نواز مھيسر، مور ساگر، عزت ڪلھوڙو، ساجد سنڌي، ديدار شاد گوپانگ، غلام مصطفي سولنگي، دريا خان جانوري، طالب ڀنڀرو، فراز سومرو، جاويد نثار حسيني، مرزا دبير حسين، پروفيسر زبير لغاري، مدد علي جهتيال، ڊاڪٽر نصرﷲ لغاري، پروفيسر بشير احمد بارڪزئي، برڪت نوناري، فيض کوسو، منير نارائي، شيراز ڀٽي، امام علي ڀلائي، ساجد علي خان، نياز وگهيو، سنڌ قريشي اتحاد جي نائب صدر شڪيل قريشي، اتحاد تاجران جي مسرور انور بٽ کانسواءِ پريٽ آباد، ڦليلي، ڳوٺ لالو لاشاري، گهمن آباد جي  يونين ڪائونسل جي چيئرمينن ۽ ٻين  ڪاليج جي مڪمل بحالي جي اپيل جي حمايت ڪئي آهي. ان کان اڳ ھاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن حيدرآباد ۽ ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن حيدرآباد ڪاليج جي مڪمل بحالي جي حمايت ۾ پڌرائي جاري ڪري چڪي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.