نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ هڪ نوجوان دعويٰ ڪئي آهي ته کيس ليجنڊ ڪرڪيٽرن جون ڪالون اچي رهيون آهن.
ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب، رياست ڇتيس ڳڙھه جي هڪ نوجوان کي رائل چئلينجرز بئنگلورو (آر سي بي) جي ڪپتان جو پراڻو نمبر ملي ويو، جنهن تي ويرات ڪوھلي ۽ اي بي ڊيويليئرز جون ڪالون اچي رهيون آهن.
نوجوان لاءِ اِهو هڪ جو واقعو ڀارتي فلم جي اسڪرپٽ وانگر هو، جڏهن هن ويجهي اسٽور تان نئين سِم خريد ڪئي.
رپورٽ موجب، 21 ورهين جي منيش جڏهن نئين سم خريد ڪرڻ کانپوءِ ان نمبر واٽس ايپ اڪائونٽ ٺاهيو سندس دوست نوٽ ڪيو ته پروفائيل تصوير رائل چئلينجرز بئنگلورو (آر سي بي) جي ڪپتان رجِت پٽيدار جي آهي، پر هن ان تي گهڻو ڌيان نه ڏنو.
ڪجهه ڏينهن کانپوءِ منيش کي لڳاتار ڪالون اچڻ لڳيون، جن ۾ دعويٰ ڪئي پئي وڃي ته اِهي ڪالون ويرات ڪوھلي، اي بي ڊي ويلئرز ، يَش ديال ۽ ٻيا آر سي بي رانديگر ڪري رهيا آهن، پر منيش ان تي به گهڻو ڌيان نه ڏنو ۽ دوستن طرفان مذاق سمجهي ان کي نظرانداز ڪري ڇڏيو،اهو سلسلو لڳ ڀڳ ٻن هفتن تائين هلندو رهيو.
ان کانپوءِ آر سي بي جي ڪپتان رجت کي احساس ٿيو ته هو پنهنجي واٽس ايپ اڪائونٽ تائين رسائي وڃائي چڪو آهي، جنهن تي هن مڌيه پرديش سائبر سيل ۾ شڪايت داخل ڪرائي.
جاچ کانپوءِ پتو پيو ته ڪمپني جي پاليسي تحت 6 مهينا غير فعال رهندڙ نمبر نون واهپيدارن کي ڏنا ويندا آهن ۽ اهو ئي نمبر منيش کي مليو هو، ان کانپوءِ پوليس اهو نمبر واپس رجت کي ڏئي ڇڏيو.