دهشتگردي روڪ ڊائلاگ، آمريڪا پاران پاڪستان جي ڪارڪردگي جي واکاڻ، گڏجي ڪم ڪرڻ جو عزم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۽ آمريڪا دهشتگردي روڪ ڊائلاگ جي گڏيل پڌرائي ۾ هر قسم جي دهشتگردي جي خاتمي جي عزم جو اظهار ڪيو آهي.
آمريڪي سفارتخاني طرفان جاري ڪيل پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ دهشتگردي روڪ ڊائلاگ جي صدارت نبيل منير ۽ گريگري ڊي لوجرفو گڏيل طور ڪئي.
پڌرائيءَ موجب ڊائلاگ ۾ هر قسم جي دهشتگردي جي خاتمي جي عزم جو اظهار ڪيو ويو، ڌرين بي ايل اي، داعش خراسان، ٽي ٽي پي جي خطرن کي منهن ڏيڻ تي زور ڏنو.
گڏيل پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته آمريڪا پاڪستان جي دهشتگردن کي قابو ڪرڻ جي ڪاميابين کي ساراهيو، ڊائلاگ ۾ سيڪيورٽي چيلينجن ۽ نئين ٽيڪنالاجي جي دهشتگردي ۾ استعمال کي منهن ڏيڻ تي اتفاق ڪيو ويو، ادارن جي ڍانچي کي مضبوط بڻائڻ ۽ صلاحيتن ۾ واڌ ڪرڻ تي به زور ڏنو ويو.
پڌرائي موجب گڏيل قومن سميت ٻين فورمز تي ويجهو سهڪار جاري رکڻ جي عزم جو اظهار ڪيو ويو، جڏهن ته دهشتگردي جي خاتمي ۽ امن ۽ استحڪام لاءِ مسلسل رابطن کي ضروري قرار ڏنو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.