دبئي (ويب ڊيسڪ) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل ٽي ٽوئنٽي ۽ ون ڊي رانديگرن جي رينڪنگ جاري ڪري ڇڏي.
آءِ سي سي طرفان جاري ڪيل ٽي ٽوئنٽي بيٽرز رينڪنگ موجب، بيٽرن ڀارت جي نوجوان اوپنر اڀيشڪ شرما پهرين نمبر تي برقرار آهي، جڏهن ته آسٽريليا جو ٽِم ڊيوڊ 6 درجا ترقي بعد ٽاپ 10 ۾ شامل ٿي ويو آهي ۽ سندس ڏهين پوزيشن آهي.
ٽي ٽوئنٽي رينڪنگ جي ٽاپ ٽين بيٽرن ۾ ڪو به پاڪستاني بيٽر شامل ناهي، جڏهن ته پاڪستان جو بابر اعظم وڌيڪ هڪ درجو وڃائڻ کانپوءِ 18 هين نمبر تي هليو ويو آهي.
ٽي ٽوئنٽي بولرن ۾ نيوزي لينڊ جو جيڪب ڊفي پهرين نمبر تي آهي ۽ ٽاپ 10 ۾ به پاڪستان جو ڪو به بالر شامل ناهي.
آسٽريليا جو جوش هيزل ووڊ 3 درجا ترقي بعد 20 هين پوزيشن ماڻي ورتي آهي، جڏهن ته پاڪستان جو حارث رئوف 2 درجا بهتري کانپوءِ 24 هين نمبر تي اچي ويو آهي.
ٽي ٽوئنٽي آل رائونڊرز ۾ ڀارت جو هاردِڪ پانڊيا جي پهرين پوزيشن برقرار آهي.
آءِ سي سي ون ڊي بيٽرن ڀارت جو شُڀمَن گِل پهرين نمبر تي آهي.
روهت شرما هڪ درجو ترقي ماڻڻ بعد ٻئي نمبر تي اچي ويو آهي، بابر اعظم هڪ درجو تنزلي سان ٽئين تي اچي ويو ۽ محمد رضوان هڪ درجو وڃائيندي 23 هين نمبر هليو ويو آهي.
پاڪستان جو صائم ايوب 9 درجا وڃائڻ بعد 46 نمبر تي اچي ويو آهي.
ون ڊي بالرن ۾ سريلنڪا جو مهِيش ٿيڪشانا جي نمبر هڪ پوزيشن آهي ، جڏهن ته ويسٽ انڊيز جو گوڊاڪيش موتي 5 درجا ترقيءَ سان 12 هين پوزيشن تي اچي ويو آهي.
پاڪستان جو شاهين آفريدي هڪ درجو تنزلي بعد13 هين نمبر تي، ويسٽ انڊيز جو جيڊن سيئلز ڊگهو ٽپو ڏيندي 24 درجا ترقي ماڻي 33 هين پوزيشن ماڻي ورتي آهي.
ون ڊي آل رائونڊرز ۾ افغانستان جو عظمت الله عمرزئي جو پهرين نمبر تي برقرار آهي.
آءِ سي سي رينڪنگ:فارم رهي نه پوزيشن، بابر اعظم پنهنجي پسنديدا فارميٽ ۾ رنسن لاءِ سڪڻ لڳو!
You might also like