حيدرآباد(پ ر) جيئي سنڌ قومي پارٽي جي چئرمين نواز خان زئور چيو آھي ته سنڌ جي پيداواري وسيلن تي قبضو ڪيو ويو آھي تيل گئس ڪوئلو تيل سنڌ پيدا ڪري ٿي موٽ ۾ سنڌ کي ڪجهھ به نٿو ملي پيداواري وسيلن جي ڦرلٽ جاري آھي وسيلن جي مالڪي ڪرڻ لاءِ سنڌي قوم کي متحد ۽ منظم ٿيڻو پوندو نواز خان زئور وڌيڪ چيو ته سنڌ جي اڪثر علائقن ۾ ھن وقت به شديد پاڻي جي کوٽ آھي آبادگار ساريالو فضل به پوکي نه سگھيا آهن،ٻئي قومي پارٽي جي سينئر وائيس چئرمين محمد علي خشڪ ۽ علي رضا خاصخيلي جھوڪ شريف پھچي صوفي شاھ عنايت شھيد جي درگاھ تي حاضري ڀري انھي موقعي تي محمد علي خشڪ چيو ته صوفي شاھ عنايت شھيد جو کيڙي سو جو نعرو ھنيو ھن جاگيردار نظام خلاف جھاد ڪيو صوفي جو نعرو مظلومن جي ترجماني ھو پر افسوس جو سنڌ تي اڄ به جاگيردار وڏيرا ڀوتار حاوي آھن