سنڌ جا وسيلا آمريڪا حوالي ڪرڻ بابت ڳجهي ڊيل ٿي آهي:عوامي تحريڪ

حيدرآباد (پ ر) عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، مرڪزي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ ساجد حسين مهيسر، مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر رسول بخش خاصخيلي، نور نبي پليجو ۽ ايڊووڪيٽ مير پرويز دائودپوٽو پنهنجي گڏيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته سنڌ جا وسيلا آمريڪا حوالي ڪرڻ واري ڳجهي ڊيل ملڪ جي سالميت تي حملو آهي، سنڌ ۾ تيل، گئس ۽ ڪوئلي جا ذخيرا وڏي مقدار ۾ موجود آهن، ان باوجود سنڌ جا نوجوان بيروزگاري، بک ۽ بدحاليءَ سبب خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور آهن، ڪارونجهر، ڪينجهر، گورک، گنجي ٽڪر، ڪوھستان، ھاليجي ۽ کير ٿر سميت سنڌ جي سمورن تاريخي ماڳن مڪانن تي به سامراجي قوتن جي ميري اک آهي، پيپلز پارٽي اقتدار جي لالچ ۾ سنڌ جو انچ انچ وڪڻڻ لاءِ تيار آهي، بلاول آصف زرداري جي نقش قدم تي هلي سنڌ جو سوداگر ٿي ويو آهي، بلاول کي وزيراعظم بڻائڻ لاءِ پيپلز پارٽي هڪ ڀيرو ٻيهر ملڪ ٽوڙائڻ جي سازش ڪري رهي آهي، ايم ڪيو ايم جي دهشتگردن کي ٻيهر منظم ڪرڻ لاءِ دهشتگردن کي پروموٽ ڪيو پيو وڃي، بلديا فيڪٽري ۾ 259 مزدورن کي جيئرو ساڙيندڙ دهشتگردن کي فارم 47 ذريعي اسيمبلي ۾ آندو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.