اسلام آباد (بيورو / م ڊ) ملڪ جي سڀ کان وڏي صوبي پنجاب جي نئين حدبندي ۽ هڪ نئون صوبو ٺاهڻ جو بل قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪيو ويو، قومي اسيمبلي ۾ آئين جي آرٽيڪل 51 ۽ 59 ۾ ترميم جو بل پيش ڪيو ويو، آئيني ترميم بل 2025 قومي اسيمبلي جي ميمبر رياض حسين فتيانه پيش ڪيو، ترميمي بل ۾ صوبي پنجاب جي نئين حدبندي ۽ نئين صوبي ”اولهه پنجاب“ جي تجويز ڏني وئي آهي، بل جي متن موجب صوبي پنجاب جي حدبندي ڪري اولهه پنجاب جو نئون صوبو ٺاهڻ وقت جي انتهائي ضرورت آهي، پنجاب جي وڌندڙ آبادي ۽ ان سان لاڳاپيل مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ انتظامي رڪاوٽن سبب هاڻي پنجاب کي الڳ صوبو بڻائڻ جي ضرورت آهي، اولهه پنجاب ۾ فيصل آباد ڊويزن ۽ ساهيوال ڊويزن کي شامل ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي، مجوزه صوبي ۾ پنجاب جو ٻيو وڏو جهنگ، وڏي زرعي يونيورسٽي ۽ هڪ وڏو صنعتي مرڪز شامل هوندو، هي علائقو هڪ الڳ صوبي طور پاڻ کي برقرار رکڻ جي صلاحيت رکي ٿو، بل ۾ آئين جي آرٽيڪل هڪ، آرٽيڪل 51، 59، 106، 154، 175-اي، 198 ۽ 218 ۾ ترميمون متعارف ڪرايون ويون آهن، بل ۾ صوبي ۽ وفاقي سيٽن جي ورهاست ۾ به تبديلي جي تجويز ڏني وئي آهي، پنجاب جون جنرل سيٽون 114 ۽ عورتن لاءِ سيٽون 24 رکندي ڪل سيٽون 138 ڪرڻ جي تجويز آهي، سنڌ ۾ جنرل سيٽون 61، عورتن لاءِ سيٽون 14، ڪل 75 ڪرڻ جي تجويز آهي، خيبر پختونخوا ۾ جنرل سيٽون 45، عورتن لاءِ سيٽون 10، ڪل 55 سيٽون ڪرڻ جي تجويز آهي، جڏهن ته بلوچستان ۾ جنرل سيٽون 16، عورتن لاءِ سيٽون 4، ڪل 20 ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي، وفاقي گاديءَ واري هنڌ ۾ جنرل سيٽون 3 ڪرڻ ۽ عورتن لاءِ ڪا به سيٽ نه رکڻ جي تجويز آهي، ان ۾ قومي اسيمبلي جون ڪل سيٽون جنرل 256، عورتن لاءِ 60، ۽ مجموعي طور 326 ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي، بل ۾ نئين صوبي اولهه پنجاب لاءِ جنرل سيٽون 27 ۽ عورتن لاءِ 8 سيٽون رکڻ جي تجويز ڏني وئي آهي، اسپيڪر بل کي لاڳاپيل اسٽينڊنگ ڪميٽي ڏانهن موڪلي ڇڏيو آهي، ترميم جي منظوري صورت ۾ پاڪستان ۾ پنج صوبا ۽ وفاقي گاديءَ وارو هنڌ شامل ٿي ويندا.