اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ڀارت پاڪستان جو پاڻي بند ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني آهي پر هڪ ڦڙو به نٿو کسي سگهي، جيڪڏهن ڀارت ٻيهر ڪا حرڪت ڪئي ته ان کي اهڙو جواب ڏينداسين جو ڪنن تي هٿ رکندو.
اسلام آباد ۾ نوجوانن جي عالمي ڏينهن جي مناسبت سان تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته دشمن کي شڪست کانپوءِ هڪ نئون پاڪستان دنيا سامهون آيو آهي، پاڪ فوج ڀارت کي عبرتناڪ سبق سيکاريو ۽ اسان جي بهادر جوانن ڀارت جو غرور خاڪ ۾ ملائي ڇڏيو.
هن چيو ته ملڪ جو مستقبل نوجوانن جي هٿن ۾ آهي ۽ ترقي لاءِ ميرٽ تي سختي سان عملدرآمد ڪيو ويندو.
You might also like