14 سالن ۾ چيف جسٽس کي ملندڙ پينشن ۾ 18 لک کان وڌيڪ واڌ!

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قانون ۽ انصاف واري وزارت ريٽائر ٿيڻ بعد پاڪستان جي چيف جسٽس جي پينشن ۽ مراعتن جا تفصيل سينيٽ ۾ پيش ڪري ڇڏيا.
سينيٽ ۾ سوالن جي وقفي دوران لکت ۾ جواب طور سال 2010 کان 2024 تائين پينشن ۾ ڪيل واڌ جا تفصيل به پيش ڪيا ويا.
قانون واري وزارت موجب 2010ع ۾ چيف جسٽس کي 5 لک 60 هزار پينشن ملندي هئي، 2011ع ۾ پينشن 6 لک 44 هزار ٿي وئي، 2012ع ۾ پينشن 7 لک 73 هزار ٿي ۽ پوءِ 2013ع ۾ چيف جسٽس جي پينشن 8 لک 50 هزار ٿي وئي.
وزارت موجب 2014ع ۾ پينشن 9 لک 35 هزار ٿي، 2015ع ۾ 10 لک 5 هزار، 2016ع ۾ 11 لک 5 هزار ۽ 2017ع ۾ 12 لک 17 هزار ٿي، جڏهن ته 2018ع ۾ پينشن 13 لک 38 هزار ٿي ۽ 2021ع ۾ 14 لک 52 هزار ٿي وئي.
قانون واري وزارت ٻڌايو ته 2023ع ۾ چيف جسٽس جي پينشن 16 لک 57 هزار ٿي ۽ 2024ع ۾ اها وڌي 23 لک 90 هزار ٿي وئي.
جج جي بيواهه کي ملندڙ پينشن جا تفصيل به سينيٽ ۾ پيش ڪيا ويا. وزارت موجب جج جي بيواهه کي ڊرائيور، سپاهي ملندو، کيس 2 هزار يونٽ مفت بجلي ۽ پاڻي جي سهولت به حاصل هوندي، ان سان گڏ جج جي بيواهه کي ماهوار 300 ليٽر پيٽرول به ڏنو ويندو ۽ انڪم ٽيڪس به نه ورتو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.