غزا ۾ اسرائيلي تباهيءَ تي مودي سرڪار جي خاموشي شرمناڪ آهي: پريانڪا گانڌي

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت جي اپوزيشن جماعت انڊين نيشنل ڪانگريس جي جنرل سيڪريٽري پريانڪا گانڌي به غزا ۾ اسرائيلي ظالمن تي چپ نه رهي سگهي.
سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ پريانڪا گانڌي چيو ته اسرائيل 60 هزار کان وڌيڪ ماڻهن کي قتل ڪري چڪو آهي، جن ۾ 18 هزار 430 ٻار شامل آهن.
سندس چوڻ هو ته اسرائيلي پابندين سبب سوين ٻارن سميت ڪيئي ماڻهو خوراڪ جي کوٽ سبب بُک وگهي زندگين تان هٿ ڌوئي رهيا آهن.
پريانڪا گانڌي چيو ته اسرائيل جي اهڙن ڏوهن تي خاموشي ۽ ان تي ڪا به ڪارروائي نه ٿيڻ پاڻ ۾ هڪ وڏو ڏوهه آهي.
هن چيو ته شرم جوڳي ڳالهه آهي جو اسرائيل غزا تي تباهي مڙهي رهيو آهي ۽ ڀارتي حڪومت چُپ ويٺي آهي.
اپوزيشن اڳواڻ چيو ته الجزيرا جي پنجن صحافين جو وحشياڻو قتل، فلسطيني سرزمين تي هڪ ٻيو انسانيت لڄائيندڙ ڏوهه آهي، سچ لاءِ بيٺل ماڻهن جو حوصلو اسرائيلي ظلمن ۽ نفرت سان ڪڏهن به نه ٽٽندو.
پريانڪا گانڌي وڌيڪ چيو ته انهن بهادر صحافين اسان کي ٻڌايو آهي ته حقيقي صحافت ڇا آهي، خدا سندن روح کي سڪون ڏيئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.