حيدرآباد: ڪميشن جي متاثر ٿيل ھوريا قريشي چيو ته آئون سڄي عمر پھرين پوزيشن حاصل ڪئي پر سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن فيل ڪري ڇڏيو، پر حوصلا بلندآھن. ڪميشن ۾ متاثر ٿيل ڊاڪٽر رخ بطول چيو ته جڏھن ڏسون ٿا تھ ايتري محنت ڪرڻ کان پوءِ کين فيل ڪري ان کي سليڪٽ ڪيو وڃي ٿو جيڪي پيسا ڏين ٿا تھ تمام گهڻي تڪليف ٿئي ٿي. ھن چيو تھ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ھڪ فڪس پرائيز دڪاندار جيان نوڪريون پئسن تي فڪس ڪري ڇڏيون آهن. ھن چيو اسان کي ڪرپشن جو حصو ناھي ٿيڻو، پيسن عيوض نوڪري ڪڏھن بھ نھ وٺبي .