ڪرپٽ ڪامورن هٿان سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ ميرٽ جو قتل عام،سگهاري جدوجهد هلائڻي پوندي: ساڃاهه وند

 حيدرآباد(رپورٽ: حسيب لطيفي ) سنڌ جي قومپرست پارٽين جي اڳواڻن، تعليمي ماھرن ۽ سماج سڌارڪ اڳواڻن  چيو آهي ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ ڪرپٽ ڪامورا ويٺل آھن، ميرٽ جي لتاڙ ٿي رھي آھي، اھڙي تعليم ۽ سنڌ دشمن عمل خلاف سنڌ جي عوام کي  سگھاري احتجاجي تحريڪ هلائڻ گھرجي. اھڙن خيالن جو اظهار ھنن ڪالھ حيدرآباد ۾ سنڌ يونائيٽيڊ ٿنڪرس فورم پاران سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۽ اھليت جو سوال جي عنوان ھيٺ ڪوٺايل ڪانفرنس ۾ ڳالھائيندي ڪيو. ان موقعي تي سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي صدر سيد زين شاهه صدارتي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ بھتري بجاءِ ھر ايندڙ سال وڌيڪ خرابي ٿيندي پئي وڃي، ھزارين شاگردن جو استحصال ٿئي پيو. ھن چيو تھ سنڌ جي بدقسمتي آھي تھ گذريل 30 سالن کان سنڌ کي نااھل حڪمران ملندا رھيا آھن، اھا بھ  سنڌ جي بدقسمتي آھي تھ  سنڌ واسين کي نااھل ادارو مليو آھي.  ھن چيو تھ نااھل بيوروڪريٽس ۽ حڪمران سنڌ کي تباھي ڏانھن وٺي ويندا، ھتي سسٽم مان ميرٽ جو نظام ختم ٿيندو پيو وڃي، جتي انصاف جي لتاڙ ٿيندي، اتي تباھي ايندي. ھن چيو تھ اسان جا نوجوان ملڪ ڇڏي اھڙن پرڏيهي ملڪن ڏانھن وڃڻ چاهين ٿا جتي ميرٽ جو نظام آھي، . ھن چيو تھ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو ھر امتحان تڪراري آھي، سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ سنڌ جي نسل ۽  تعليم جو قتل ڪيو پيو وڃي.  ھن چيو تھ جنھن معاشري ۾ جزا ۽ سزا جو عمل ختم ٿيندو اھو ملڪ ترقي ڪري نھ سگھندو. ھن چيو تھ جيڪي مڊل ڪلاس مان سياستدان ٿيو آھي اھو وڌيڪ ڪرپٽ ٿيو آھي ھن چيو تھ مجرماڻي خاموشي سڄي معاشري ۾ ڇانيل  آھي،  ھن چيو تھ حڪمران ڄاڻن ٿا تھ مهانگائي ڇو ٿئي ٿي،  ھتي ته امن امان جي صورتحال خراب آھي اسان جو سماج  بند گھٽي وارو سماج بڻجي چڪو آھي. ھن چيو تھ ملڪ جي  وفاقي نظام   کي به  ھٿ سان تباھ ڪيو ويو آهي.  ھن چيو تھ پاڻي تي ڪروڙين ماڻهن جي شعور ۽  لکين ماڻهن احتجاج ڪيو،  سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي اشو تي جتي عدليھ جي مدد جي  ضرورت آھي، اتي  مختلف فورمن تي ٿيندڙ پروگرامن ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي ڪرپشن خلاف قراردادون ضرور پاس ڪجن، نوجوان شاگرد ونگ پنھنجو ڪردار ادا ڪري،  احتجاج ڪجن، ڪرپٽ ڪامورن جو گهيراءُ ڪرڻ گھرجي ء مرحليوار جدوجھد ڪئي وڃي جيئن ايندڙ سسٽم کي شفاف بڻائي نوجوان جي مستقبل کي بھتر بنائي سگھجي. ايس يو پي جي نائب صدر روشن ٻرڙو چيو ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن سواليه نشان بڻيل آھن، مستقبل ۾ سنڌ اندر نھ ڪو پاڻي ماھر، نھ تعليمي ماھر ۽ نھ ئي زرعي ماھر ٿو نظر اچي، نوڪريون پئسن عيوض ٿيون وڪرو ٿين، ميرٽ جي لتاڙ پئي ٿئي، سنڌ جي نوجوانن کي اٿڻو پوندو، سواءِ مزاحمت جي ڪوبھ رستو ڪونھي، سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي ڪرپٽ ميمبرن کان نفرت جو اظهار ڪيو، سندن گھرن جي درن تي توا ٽنگيا وڃن. ھن چيو تھ اسان مايوس ناھيون، سائين جي ايم سيد چيو ته جڏھن قوم  مشڪلاتن ۾ ھجي تھ صالح قومي ڪارڪنن تي فرض آهي تھ ھو وطن  لاءِ  جان جو نظرانو ڏين، ھي وقت آھي ته سنڌ جي نوجوانن کي ڪرپٽ ڪامورن کان نفرت جو اظهار ڪرڻو پوندو. عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ ايڊووڪيٽ سجاد علي چانڊيو چيو تھ سنڌي سماج ھن وقت ڪرپشن جي وبا جي ور چڙهي ويو آهي. ھن چيو تھ 2019 ۾ ھن سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن خلاف ڊاڪٽرن پٽيشن داخل ڪئي ھئي، ۽ ھنن جو پيشوراڻو انداز ھي ھيو ان ڪري ٻن سالن تائين سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن طرفان جواب داخل ڪرڻ لاءِ بھ ڪير تيار نھ ھو. ھن چيو تھ اڄ کان 5 سال اڳ نوجوانن کي نتيجو نھ  ڏسيو ويندو ھو. ھن چيو تھ ڪورٽ سڳوري  آرڊر ڪيو ھو تھ جيستائين سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي قانونسازي نھ ٿيندي تيستائين ادارو بند ھوندو، ۽ ھنن جلد قانونسازي ڪرڻ بدران 16 مھينن تائين اداري کي بند ڪري ڇڏيو، جنھن بعد 2022 ۾ ھنن ڪورٽ ۾ لکي ڏنو تھ ھاڻي ھنن قانونسازي ڪري اداري ۾ بھتري آندي  آھي. ھن چيو تھ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جا ڪيترائي امتحان  رد ڪيا ويا، جڏھن ملڪ جي باقي صوبن ۾ ڪميشن تي آڱر نھ ٿي کڄي. ھن چيو تھ سنڌ جي نوجوانن جو خواب پورو ڪرڻ لاءِ اسان سڀني کي اڳيان اچڻو پوندو. پروفيسر يعقوب چانڊيو چيو تھ جيڪي ٻار لائبريرين ۾ جاءِ نھ ملڻ تي سالن تائين زمينن تي ويھي ڪميشن جي تياري ڪن ٿا، انهن ٻارن سان ناانصافي ٿي ٿئي، ھاڻي اسان جي ذميواري ٿئي ٿي تھ ٻارڙن جا وارث ٿيون. ھن چيو تھ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي موجودھ الزام ھيٺ آيل ميمبرن کي فارغ ڪري سٺي ساک وارا نوان ميمبر مقرر ڪري اميدوارن مان بيچيني ختم ڪئي وڃي. سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي مرڪزي اڳواڻ امر آڪاش چيو تھ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن روزگار جي نالي تي نوجوانن جي خوابن سان کيڏي رھي آھي. ھن چيو تھ لکت جي امتحان ۾ 90 سيڪڙو مارڪون کڻندڙن کي انٽرويو ۾ 10 مارڪون بھ نھ ٿيون ڏنيون وڃن. ھن چيو تھ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي انٽرويو جي وڊيو جاري ڪئي وڃي. پروفيسر سيد فرزند علي شاھ چيو ته ھڪ چوڻي آهي ته جنھن قوم کي تباھ ڪرڻو ھجي تھ ان جي تعليمي نظام کي تباھ ڪيو وڃي، ائين ئي اسان جي تعليمي نظام کي تباھ ڪيو ويو آهي، وٽنري ڊاڪٽر ايسوسيئيشن جي اڳواڻ ڊاڪٽر صابر علي شاھ چيو تھ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي روپ ۾ ھڪ گينگ سامھون آئي آھي، پيسن عيوض نوڪريون ڏنيون وڃن ٿيون، پر گولڊ ميڊلسٽ نوجوانن کي فيل ڪيو وڃي ٿو. ھن چيو تھ سنڌ جي نوجوانن سان ويساھ گهاتي ٿي رھي آھي، نوجوان ذھني مريض ٿي ويا آھن، اھڙي اداري کي بند ٿيڻ گهرجي.  رمضان ٻرڙو چيو ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو وجود 1973 ۾ پيو،  جنھن جو مقصد ڪامپيٽيٽو امتحان وٺڻا ھئا تھ ميرٽ ۽ ٽرانسپيرنسي تحت ڀرتيون ٿين پر نھ ميرٽ رھي نھ ٽرانسپيرنسي، پيپر ليڪ ٿا ٿين پر ڪنٽرولر بدران لوئر اسٽاف کي پڪڙيو وڃي ٿو ۽ اصل ڏوھاري آجو قرار ڏنو وڃي ٿو. سينيئر صحافي اظھار سومرو چيو ته سنڌ جي نوجوانن جو خواب ھوندو آھي تھ ھو ڪميشن پاس ڪري آفيسر ٿئي، پر ھتي پورو سسٽم ڪمپرومائيز آھي، ھو نھ ٿا چاھين تھ سنڌ جو نوجوان بيوروڪريٽس جي لسٽ ۾ اچي. ھن چيو ته جيڪڏهن سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ ڪرپشن جي روڪٿام ۾ پنھنجو ڪردار ادا نھ ڪيو تھ نوجوان اسان کي ڪڏھن بھ معاف نھ ڪندا. مظفر عالم صديقي چيو تھ نوجوان ڪتابن کان پري ٿيندا پيا وڃن. ھن چيو تھ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن کي پنھنجي سروس ڏيڻ گھرجي، ميرٽ تي ايندڙ يقينن قوم جي خدمت ڪندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.