مٽياري (رپورٽ:ضمير خاصخيلي ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ڀارت رات جي اونداهيءَ ۾ حملو ڪري جنگ شروع ڪئي پر ان کي مڪمل پاڪستان ڪيو. ڀٽ شاهه ۾ شاهه عبداللطيفڀٽائي رحه جي عرس جي پڄاڻي واري تقريب کي خطاب ڪندي بلاول چيو ته سڄي قوم فوج سان گڏجي ڀارت کي جواب ڏنو، جڏهن ته نوجوانن سوشل ميڊيا تي ڀارت جو مقابلو ڪيو. هن چيو ته ڀارت سنڌ طاس معاهدو ختم نٿو ڪري سگهي، جڏهن ڀارت اهو اعلان ڪيو ته مون سنڌو درياهه جي ڪناري تي بيهي واعدو ڪيو هو ته مودي کي سڄي دنيا ۾ وائکو ڪندس ۽ اسان اهو ڪري ڏيکاريو.سندس چوڻ هو ته ماضي ۾ به پاڪ – ڀارت جنگيون ٿيون پر ڪنهن سنڌو تي حملو نه ڪيو، نه ئي ڊيم ٺاهڻ جو اعلان ڪيو، مون کي سنڌ طاس معاهدي جي بحالي لاءِ توهان جي ضرورت آهي ته جيئن اسان گڏجي ان ظلم کي روڪيون. بلاول ڀٽو زرداري چيو عوام ۾ ايتري طاقت آهي ته جنگ ۽ ڇهه درياهه واپس وٺي سگهي ٿو، پاڪستان جنگ نه ڇيڙي، اسان سدائين امن جي ڳالهه ڪئي ۽ دنيا ۾ به اهو ئي موقف پيش ڪيو. پ پ چيئرمين چيو مان وري واضح ڪرڻ چاهيان ٿو ته جيڪڏهن ڀارت جنگ ڇيڙي ته ڀٽائيءَ جي ڌرتي تان ٻڌايان ٿو اسان پوئتي نه هٽنداسين ۽ نه جهڪنداسين، جيڪڏهن ڀارت سنڌو تي حملي جو سوچيندو ته پاڪستان جي هر صوبي جو عوام مودي جو مقابلو ڪندو. بلاول ڀٽو زرداري عظيم صوفي شاعر حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه جي 282هين سالياني عرس مبارڪ جي پڄاڻي واري تقريب ۾ شرڪت ڪئي۔ ان موقعي تي هن مزار تي حاضري ڏئي، فاتحه خواني ڪئي ۽ چادر چاڙهي۔ بلاول حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه جي والد حضرت شاهه حبيب جي مزار تي پڻ حاضري ڏئي فاتحه خواني ڪئي، جڏهن ته مزار جي احاطي ۾ شاهه جو راڳ پڻ ٻڌو۔ بعد ۾ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڀٽ شاهه جي ايڇ ٽي سورلي هال ۾ منعقده ايوارڊ تقريب ۾ خاص مهمان طور شرڪت ڪئي ۽ مختلف شعبن ۾ نمايان ڪارڪردگي ڏيکاريندڙن ۾ ايوارڊ ورهايا۔ تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته سندس لاءِ اهو اعزاز جي ڳالهه آهي ته سندس خاندان نسل در نسل درگاهه ڀٽ شاهه سان عقيدت رکندو آيو آهي۔ هن چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، شهيد محترمه بينظير ڀٽو ۽ صدر آصف علي زرداري سڀ شاهه لطيف جي پيغام جا پوئلڳ آهن .