ڪراچي (ويب ڊيسڪ) عورتن لاءِ بهترين موقعو آهي ته اهي مختلف هنرن جي مفت ٽيڪنيڪي ۽ پيشيوراڻي سکيا حاصل ڪري باعزت روزگار حاصل ڪن.
بينظير هنرمند پروگرام ذريعي عورتن کي مختلف هنرن جي مفت ٽيڪنيڪي ۽ پيشيوراڻي تربيت ڏني ويندي، جنهن جو دورانيو ٽي کان ڇهه مهينا هوندو.
سکيا دوران ماهوار وظيفو، گريجوئيشن بونس، ٽريننگ پوري ڪرڻ تي سرٽيفڪيٽ ۽ لاڳاپيل شعبي ۾ روزگار جو بهترين موقعو به فراهم ڪيو ويندو.
ان پروگرام تحت صنعتي ضرورتن ۽ عالمي معيار جي شعبن جهڙوڪ هوٽل مينيجمينٽ، آءِ ٽي اينڊ ڊجيٽل اسڪلز، هيلٿ ڪنسٽرڪشن، بيوٽي سروسز، فيشن اينڊ ٽيڪسٽائل جهڙن شعبن ۾ تربيت ڏني ويندي.
پر ان پروگرام ۾ رڳو بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جا حقدار يا انهن جي خاندان جا فرد ئي داخلا ڪرائي سگهندا ۽ هڪ خاندان مان هڪ ئي فرد ان پروگرام جو حصو بڻجي سگهي ٿو.
بينظير هنرمند پروگرام ۾ رجسٽريشن کانپوءِ به بي آءِ ايس پي مان فائدو کڻندڙن جي مالي مدد ۽ ٻيا فائدا مستقل جاري رهندا.
You might also like