ايپل آءِ فون 17 سيريز جا ماڊلز هلندڙ سال سپٽيمبر مهيني جي ڪهڙي به تاريخ تي متعارف ڪرايا ويندا.
هن واري ايپل طرفان آءِ فون 17، 17 پرو، 17 پرو ميڪس سان گڏ نئين سنهي آءِ فون 17 ايئر آءِ او ايس 26 سان گڏ پيش ڪئي ويندي.
ڪمپني طرفان اڃا تائين نئين سيريز جا فونز متعارف ڪرائڻ جي حتمي تاريخ جو اعلان ناهي ڪيو، پر ڪيئي مهينن کان ماڊلز بابت ليڪ سامهون اچي رهيون آهن جنهن ۾ ظاهري طور هن سيريز بابت ڪا به ڇرڪائيندڙ خبر سامهون ناهي آئي.
پر انهن فونن جي قيمت ڇا هوندي؟ هي اهڙو سوال آهي جيڪو هر واهپيدار جي ذهن ۾ ڊگهي عرصي کان موجود آهي ۽ هاڻي نئين ليڪ آءِ فون 17 جي هڙني ماڊلن جي قيمتن جا تفصيل پڻ سامهون اچي ويا آهن.
پرڏيهي خابرو اداري موجب، آءِ فون 17 جي قيمت 799 ڊالر کان شروع ٿيندي، جيڪا آءِ فون 16 جيتري آهي.
آءِ فون 17 پرو جي قيمت اٽڪل 1049 ڊالر هوندي، جيڪا آءِ فون 16 پرو کان وڌيڪ آهي.
آءِ فون 17 پرو ميڪس جي قيمت 1249 ڊالر هوندي، جيڪا اڳ واري ماڊل کان وڌيڪ آهي.
نئين آءِ فون 17 ايئر 949 ڊالر ۾ ملندي جيڪا آءِ فون 16 پلس کان وڌيڪ مهانگي آهي.
واضح رهي ته قيمتن ۾ واڌ جو امڪاني ڪارڻ آمريڪا طرفان ڀارتي ۽ چيني شين تي مڙهيل ٽيرف ٿي سگهي ٿو.
Next Post
You might also like