عامر خان ۽ سندس ڪٽنب فيصل خان طرفان ” چريو “ قرار ڏئي گهر ۾ قيد رکڻ واري بيان تي وضاحت جاري ڪري ڇڏي

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي ”مسٽر پرفيڪشنسٽ“ عامر خان ۽ سندس گهرڀاتين فيصل خان جي طرفان سنگين الزام لڳائڻ تي خاموشي ٽوڙي ڇڏي.
پرڏيهي خابرو اداري موجب، فيصل خان جنهن عامر خان سان گڏ 2000 ۾ آيل مشهور فلم ”ميلا“ ۾ ڪم ڪيو هو ڪجهه ڏينهن اڳ گهر وارن مٿان سخت الزام مڙهيا هئا.
هڪ انٽرويوءَ ۾ هن دعويٰ ڪئي هئي ته عامر خان کيس ” شيزوفرينيا“ جو مريض قرار ڏئي هڪ سال تائين گهر ۾ قيد رکيو ۽ سندس ڪمري ٻاهر سيڪيورٽي گارڊ مقرر ڪري ڇڏيا هئا.
فيصل خان اهو به چيو هو ته کيس اسپتال ۾ دماغي وارڊ ۾ داخل ڪيو ويو ۽ طبي ٽيسٽون ڪرايون ويون، هن خاندان جي ٻين ماڻهن تي به الزام لڳايا ته پوري خاندان هن کي ” چريو“ قرار ڏئي گهر ۾ بند ڪري ڇڏيو هو.
پر هاڻي عامر خان ۽ سندس ڪٽنب طرفان جاري ڪيل گڏيل بيان فيصل خان جا هڙئي الزام رد ڪيا ويا آهن.
عامر خان جي ٻنهي اڳوڻين گهروارين سميت خاندان جي سمورن ميمبرن جي نالن ۽ صحيحن سان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ” فيصل خان بابت سڀ فيصلا خاندان جي اتفاق ۽ طبي ماهرن جي صلاح مشور کانپوءِ ڪيا ويا هئا.“
عامر خان جي خاندان ميڊيا کي اپيل ڪئي ته اِهو سندن ذاتي معاملو آحي جنهن کي عوامي بحث جو حصو بڻائڻ کان پاسو ڪيو وڃي ۽ صحافتي ادارا سنجيدگيءَ جو مظاهرو ڪندي افواهه پکيڙڻ کان پاسو ڪن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.