اسلام آباد: ايف نائين پارڪ کي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ بدلائڻ جون تياريون!

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد ۾ عالمي معيار جو ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ٺاهڻ کي تياريون تيز ٿي ويون آهن.
ذريعن موجب، سِي ڊي اي اين نائين پارڪ کي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم جي اڏاوت لاءِ چونڊيو ويو آهي ۽ ان ڏس ۾ سي ڊي اي طرفان ماهراڻي راءِ لاءِ اراشد لطيف کي آن بورڊ ورتو ويو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته اسٽيڊيم جي ڊيزائن ۽ ٽيڪنيڪي رخن جي حوالي سان راشد لطيف سي ڊي اي سان سهڪار ڪندو، هو ان کان اڳ اسلام آباد ڪلب جي اڏاوتي ڪم ۾ پڻ اهم ڪردار ادا ڪري چڪو آهي .
گرين ايريا تي سپريم ڪورٽ جي فيصلي سبب ڪرڪيٽ اسٽيڊيم جي اڏاوت لاءِ قانوني رنڊڪن کي به ڏٺو ويندو.
ذريعن موجب، ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾وڏو حصو گرين ايريا رکڻ جي تجويز غور هيٺ آهي جنهن تحت ڏکڻ آفريڪا ۽ ويسٽ انڊيز ۾ ڪرڪيٽ اسٽيڊيمز جيان ڪجهه انڪلوزرز ۾ گرين ايريا رکيو ويندو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته سي ڊي اي طرفان ڪرڪيٽ اسٽيڊيم جي اڏاوت جي ڪليئرنس لاءِ سپريم ڪورٽ سان به رابطو ڪري سگهجي ٿو.
ان کان اڳ سپريم ڪورٽ شڪر پڙيان ۾ ڪرڪيٽ اسٽيڊيم جي اڏاوت روڪي ڇڏي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.