ڀارت رات جي اونداهي ۾ حملو ڪري جنگ شروع ڪئي، ان کي ختم اسان ڪيو: بلاول ڀٽو زرداري

ڀٽ شاهه (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ڀارت رات جي اونداهيءَ ۾ حملو ڪري جنگ شروع ڪئي پر ان کي مڪمل پاڪستان ڪيو.
ڀٽ شاهه ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه جي عرس جي تقريب کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته سڄي قوم فوج سان گڏجي ڀارت کي جواب ڏنو، جڏهن ته نوجوانن سوشل ميڊيا تي ڀارت جو مقابلو ڪيو.
هن چيو ته ڀارت سنڌ طاس معاهدو ختم نٿو ڪري سگهي، جڏهن ڀارت اهو اعلان ڪيو ته مان سنڌو درياهه جي ڪناري تي بيهي واعدو ڪيو هو ته مودي کي سڄي دنيا ۾ وائکو ڪندس ۽ اسان اهو ڪري ڏيکاريو.
سندس چوڻ هو ته ماضي ۾ به پاڪ – ڀارت جنگيون ٿيون پر ڪنهن سنڌو تي حملو نه ڪيو، نه ئي ڊيم ٺاهڻ جو اعلان ڪيو، مون کي سنڌ طاس معاهدي جي بحالي لاءِ توهان جي ضرورت آهي ته جيئن اسان گڏجي ان ظلم کي روڪيون.
بلاول ڀٽو زرداري چيو عوام ۾ ايتري طاقت آهي ته جنگ ۽ ڇهه درياهه واپس وٺي سگهي ٿو، پاڪستان جنگ نه ڇيڙي، اسان سدائين امن جي ڳالهه ڪئي ۽ دنيا ۾ به اهو ئي موقف پيش ڪيو.
پ پ چيئرمين چيو مان وري واضح ڪرڻ چاهيان ٿو ته جيڪڏهن ڀارت جنگ ڇيڙي ته ڀٽائيءَ جي ڌرتي تان ٻڌايان ٿو اسان پوئتي نه هٽنداسين ۽ نه جهڪنداسين، جيڪڏهن ڀارت سنڌو تي حملي جو سوچيندو ته پاڪستان جي هر صوبي جو عوام مودي جو مقابلو ڪندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.