بحريا ٽائون ڪيس ۾ ٻن رٽائر برگيڊيئرن اهم ثبوت ڏئي ڇڏيا

اسلام آباد (زاهد گشڪوري) ٽاپ سٽي ۽ بحريا ٽائون هائوسنگ سوسائٽيون جاچ هيٺ اچي ويون آهن، جن ۾ اڳوڻي آءِ ايس آءِ سربراهه جنرل فيض حميد خلاف به جاچ جاري آهي. ذريعن موجب ٽاپ سٽي جي مالڪ قمر معيد شڪايت ڏني هئي، جڏهن ته ٻه رٽائرڊ برگيڊيئر غفار ۽ فخر نعيم جيڪي جنرل فيض سان گڏ ڪم ڪندا رهيا، مبينا طور انهن منصوبن سان لاڳاپيل هئا. جنرل فيض جي چوڻ تي بحريا ٽائون ويلفيئر پاران ڳوٺ ۾ روڊ، اسپتالون ۽ ٻين  سهولتن جا ڪم ڪرايا. ڪرنل خليل کان به بيان ورتو ويو. علائقي مان رڪارڊ هٿ آيو آهي، جڏهن ته جاچ ۾ عمران خان جو نالو به سامهون آيو آهي، جنهن جو ڪردار طئي ٿيڻ باقي آهي.

نوٽ: هي تجزيو روزاني عوامي آواز، سومر  11 آگسٽ 2025ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.