عورت پاران ملڪيت جي لالچ ۾ 11 مڙسن کي قتل ڪرڻ جو ڇرڪائيندڙ انڪشاف

تهران (ويب ڊيسڪ) ايران ۾ هڪ عورت طرفان 22 ورهين جي عرصي دوران پنهنجي 11 مڙسن کي زهر ڏئي قتل ڪرڻ جي ڇرڪائيندڙ خبر سامهون آئي آهي.
ايراني ميڊيا موجب هلندڙ هفتي ايران جي سڀ کان وڏي سيريل قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران ڪلثوم اڪبري نالي عورت کي 11 مڙسن کي ملڪيت ۽ پيسي لاءِ قتل ڪرڻ جي الزام ۾ عدالت ۾ پيش ڪيو ويو.
ٻڌڻي دوران اختيارين عدالت کي ٻڌايو ته ڪلثوم تي 2000 کان 2022 جي عرصي دوران شگر سميت ٻين دوائن ۽ منشيات ۾ پنهنجي مڙسن کي زهر ڏيڻ جو الزام آهي.
رپورٽ موجب ڪلثوم خلاف 2023 ۾ سندس مڙس عزيز الله جي موت کانپوءِ ڪيس داخل ڪيو ويو هو، جنهن ۾ اڳ ۾ مقتول جي پٽ کي شڪي قرار ڏنو ويو هو.
عزيز الله جي هڪ خانداني دوست انڪشاف ڪيو ته ڪلثوم عزيز الله کي قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پٽ کان پڇا ڳاڇا دوران ئي ڪلثوم جي گرفتاري سامهون آئي، جنهن کانپوءِ هن 11 مڙسن کي قتل ڪرڻ جو اعتراف ڪيو.
عورت اعتراف ڪيو ته هوءَ پوڙهن مردن سان شادي ڪرڻ کانپوءِ کين هوريان هوريان منشيات ذريعي زهر ڏئي قتل ڪري ڇڏيندي هئي.
اختيارين موجب ڇو ته ڪلثوم جا مڙس پوڙها ۽ بيمار هئا، تنهن ڪري موت کي طبي قرار ڏئي نظرانداز ڪيو ويو، اهو ئي سبب هو جو ڪلثوم جي ڏوهن جو سلسلو ٻن ڏهاڪن کان به وڌيڪ عرصي تائين جاري رهيو.
ٻڌڻي دوران مقتولن جي گهرڀاتين عدالت کان عورت کي ڦاهي ڏيڻ جو مطالبو ڪيو پر عدالت طرفان جوابدار عورت جي ذهني حالت ۽ مڪمل ٻڌڻي تائين فيصلو محفوظ رکيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.