پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو پيدائش تي ٻار جي ڊجيٽل داخلا، برٿ رجسٽريشن جي فيس ختم

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو ٻار جي پيدائش تي سندس ڊجيٽل داخلا ڪئي وئي.
چيف سيڪريٽري سنڌ جي ترجمان موجب حيدرآباد جي سرڪاري اسپتال ۾ ٻار جي پيدائش تي ان جي ڊجيٽل داخلا ڪئي وئي.
ترجمان ٻڌايو ته سنڌ جي اسپتالن ۾ منصوبي تحت داخلا جاري آهي، 36 سرڪاري ۽ 13 نجي اسپتالن ۾ برٿ رجسٽريشن شروع ڪئي وئي آهي.
هن چيو ته پراجيڪٽ صحت کاتي، نادرا ۽ لوڪل گورنمينٽ جي ڀائيواري سان شروع ڪيو ويو آهي ۽ سڄي سنڌ ۾ برٿ رجسٽريشن جي سموري فيس ختم ڪئي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.