لنڊن ۾ فلسطين جي حق ۾ احتجاج ڪندڙن خلاف ڪريڪ ڊائون، سوين گرفتار

لنڊن (ويب ڊيسڪ) لنڊن ۾ پارليامينٽ اسڪوائر تي فلسطين ايڪشن جي حامين احتجاج ڪيو، جنهن دوران پوليس ڪارروائي ڪندي 466 ماڻهن کي گرفتار ڪري ورتو، جن ۾ عورتون به شامل هيون.
احتجاج ڪندڙن جي هٿن ۾ پلي ڪارڊ هئا، جن تي اسرائيل طرفان غزا ۾ جاري فلسطينين جي نسل ڪشي خلاف نعرا لکيل هئا.
مظاهري جي انتظاميا موجب ان ۾ 6 کان 7 سئو ماڻهو شريڪ ٿيا پر پوليس ايڏي وڏي انگ ۾ شموليت جي دعويٰ رد ڪئي آهي.
پوليس موجب فلسطين ايڪشن تي 5 جولاءِ 2025 کان ٽيررازم ايڪٽ تحت پابندي لاڳو آهي ۽ ان گروهه ۾ رڪنيت يا حمايت تي 14 سال قيد جي سزا ٿي سگهي ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.