لاهور (ويب ڊيسڪ) ٽي ملڪي سيريز ۽ ايشيا ڪپ لاءِ پاڪستان ٽي ٽوئنٽي اسڪواڊ جو اعلان ٽيم جي ويسٽ انڊيز جي دوري تان واپسي تي ٿيندو.
ذريعن موجب ٽي ملڪي سيريز ۽ ايشيا ڪپ لاءِ اسڪواڊ ۾ وڌيڪ تبديلين جو امڪان ناهي پر 15 بدران 16 رڪني اسڪواڊ جو اعلان ڪري سگهجي ٿو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته سليڪٽر انجري جو شڪار فخر زمان جي واپسي لاءِ پراميد آهن، جڏهن ته ڪلهي جي سرجري ڪرائيندڙ آل رائونڊر شاداب خان جي ٽيم ۾ واپسي جو امڪان ناهي.
واضح رهي ته پاڪستان، افغانستان ۽ گڏيل عرب امارتن ۾ ٽي ٽونٽي سيريز 29 آگسٽ کان شروع ٿيندي، جڏهن ته ايشيا ڪپ 9 سيپٽمبر کان شروع ٿيندو.
You might also like