ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي علائقي فيڊرل بي ايريا راشد منهاس روڊ تي ڊمپر جي ٽڪر ۾ موٽر سائيڪل سوار ڀاءُ ڀيڻ فوت ٿي ويا.
ريسڪيو ذريعن موجب فوتي ڀاءُ ڀيڻ جي سڃاڻپ 22 ورهين جي ماهه نوار ۽ 14 ورهين جي علي رضا طور ٿي، جڏهن ته سندن پيءُ زخمي ٿي پيو، جيڪو اسپتال ۾ علاج هيٺ آهي.
حادثي کانپوءِ شهري مڇرجي پيا ۽ 7 ڊمپرن کي باهه ڏئي ڇڏي، جڏهن ته شهرين موٽر سائيڪل کي ٽڪر هڻندڙ ڊمپر ڊرائيور تي تشدد ڪري کيس پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.
حادثي کانپوءِ راشد منهاس روڊ کي ٽريفڪ لاءِ بند ڪيو ويو، جڏهن ته پوليس ڊمپر ساڙڻ جي الزام ۾ 10 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو.
You might also like