27هين ترميم لاءِ دٻاءُ،سنڌ ۾ ڪرپشن جي نالي تي ڪارروائين جو منصوبو؟

اسلام آباد/اوٽاوا(حنيف دوامي)27هين ترميم جي منظوري لاءِ پ پ جي مزاحمت ختم ڪرڻ لاءِ سنڌ ۾ ڪرپشن خلاف ”گرينڊ آپريشن “جي نالي تي ڪارروائي جو فيصلو؟ترميم بابت خدشا ختم نه ٿيڻ سبب پ پ جي انڪار تي پارٽي کي ڀت سان لڳائڻ جو وقت اچي ويو، نئين آئيني ترميم تي پ پ حمايت ڪندي يا مزاحمت،اهو ويجهي مستقبل ۾ نظر اچي ويندو؟پيپلز پارٽي تي دٻاءُ وڌي ويو، ان سلسلي ۾ خبر پئي آهي ته ڊي جي ايف آءِ اي ڪراچي نعمان صديقي کي تبديل ڪري منتظر مهدي کي سندس جاءِ تي مقرر ڪيو ويو آهي،جڏهن ته سنڌ ۾ پ پ جي منظور نظر ڊي جي نيب جاويد اڪبر رياض کي تبديل ڪري سندس جاءِ تي شڪيل دراني کي ڊي جي نيب مقرر ڪيو پيو وڃي جنهن جي مقرري جو نوٽيفڪيشن هڪ ٻن ڏينهن ۾ جاري ڪيو ويندو،ذريعن موجب پاڪستان پيپلزپارٽي تي ڏکيو وقت اچڻ وارو آهي،بدلي ڪيل ڊائريڪٽر ايف آءِ اي نعمان صديقي جو تعلق حيدرآباد سان آهي،هن تي پ پ جي ڇاپ لڳل هئي هن کي سنڌ ۾ ان ڪري مقرر ڪيو ويو حڪومتي ذريعن جو چوڻ آهي ته نيب ۾ هڪ اهم آفيسر جي مقرري واري عرصي ۾ ڪرپشن جي الزامن ۾ شخصيتن ۽ ڪامورن خلاف ڪا به ڪارروائي نه ٿي رهي هئي،ڪرپشن جون لاتعداد شڪايتون اچڻ باوجود ڪا به انڪوائري نه ٿي رهي هئي،طاقتور حلقن جي ذريعن موجب نيب پاران اهم شخصيتن ۽ ڪامورن جي ڪرپشن ۾ سهولتڪاري جو ڪردار ادا ڪرڻ تي نيب آفيسرن خلاف به جاچ شروع ٿي سگهي ٿي، جڏهن ته  نئين مقرر ٿيندڙ ڊي جي نيب شڪيل دراني جو تعلق بلوچستان سان آهي،امڪان آهي ته فائل کوليا ويندا ۽ ڪرپشن ۾ ملوث ڪامورن ۽ ٻين اهم شخصيتن جون گرفتاريون به عمل ۾ آڻي سگهجن ٿيون،ذريعن موجب جيڪي لسٽون ٺهيون آهن انهن ۾ 26 ماڻهن جا نالا شامل ڪيا ويا آهن،ان تبديلي ۽ امڪاني ڪارروائي سان پ پ سنڌ ۽ پ پ مرڪز جي سياست تي گهرا اثر پئجي سگهن ٿا،پ پ اڳواڻن جو چوڻ آهي ته 27 هين ترميم تي پ پ جي غيرمشروط حمايت حاصل ڪرڻ لاءِ اهو سڀ ڪجهه ڪيو پيو وڃي.27هين ترميم ڪامياب ڪرائڻ لاءِ دٻاءُ وڌائڻ لاءِ اها ”مشق“ ڪئي پئي وڃي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.