وڏي گرفتاري ۾ مريم نواز بيڏوهي، اصل حڪم ”مٿان“ آيو هو؟

اسلام آباد/لاهور (عمران شفقت) اهو چيو ويو هو ته مريم نواز سرڪاري آفيسر جي وڏي گرفتاري ڪرائي آهي، اصل ۾ مريم نواز ڪا گرفتاري ناهي ڪرائي. ان گرفتاري جو سبب ڄاڻڻو آهي ته اوهان کي واپارين ۽ آرمي چيف جي ملاقات کي ڏسڻو پوندو جنهن ۾ واپارين کيس حڪومت جون شڪايتون ڪيون هيون. اهڙيون ملاقاتون ۽ شڪايتون نه ٿيڻ گهرجن، پر اهي هر ڀيري ٿينديون آهن ڇو ته واپارين تي جڏهن ڪو سختي ڪندو آهي ته کين ملڪي معيشت ياد اچي ويندي آهي، واپاري جيڪي ٽيڪس نٿا ڏين اهي وڃي ايف بي آر، وزيراعظم جون شڪايتون ڪن ٿا. اي ڊي سي آر جي گرفتاري انهن شڪايتن جو نتيجو آهي. واپارين جون فنڪاريون تيستائين ختم نه ٿينديون جيستائين ملڪ جو وزيراعظم پاڻ واپار مان نه نڪرندو، شهباز شريف جا پٽ فيڪٽريون هلائين ٿا، اتي مفادن جي ڳالهه اچي وڃي ٿي، ان جي ڪري ڀوڳڻو پوندو آهي. احسن تنوير هجي يا اعجاز گوهر هجي، سڀ چون ٿا ته اسان آرمي چيف کي چيو ته ڪارو قانون ختم ڪريو. يعنيٰ انهن جي چوڻ تي قانون ختم ٿي سگهي ٿو ته پوءِ ڪجهه به ٿي سگهي ٿو، پوءِ خواجا آصف ڇو اهڙيون ڳالهيون ڪري ٿو؟ جنهن واپاري رشوت جي شڪايت ڪئي پر رشوت وٺڻ کانسواءِ رشوت ڏيڻ وارو به ڏوهي هوندو آهي ڇو ته هو ڪو نه غيرقانوني ڪم ڪرائي رهيو هوندو آهي. جيستائين سياستدان پاڻ تي قانون لاڳو نه ڪندا اهو سڀ ڀوڳيندا رهندا ۽ آئين ۽ قانون طاقتور ماڻهو استعمال ڪندا رهندا. سياستدان مرضي جا آفيسر لڳرائيندا ۽ اليڪشن ۾ فائدا وٺندا، فنڊ حاصل ڪندا رهندا ته ملڪ ائين ئي هلندو رهندو. خواجا آصف سمجهيو ته مريم نواز جي مرضي کانسواءِ ائين ڪيئن ٿي سگهي ٿو؟ پوءِ کيس خبر پئجي وئي هوندي. ذريعن موجب، نواز شريف ۽ خواجا آصف جي ملاقات ۾ کيس ٻڌايو ويو ته ان جو مريم سان ڪو واسطو ناهي، پنهنجون شيون ٺيڪ رکو ۽ اهڙن معاملن تي تڪرار نه ڪريو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.