ڪراچي (رپورٽر) سنڌ حڪومت، پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ کاتي ۾ ڪرپشن خلاف وڏي ڪارروائي ڪندي، ٿرپارڪر ۾ آر او پلانٽس جي مرمت ۽ سنڀال لاءِ مليل فنڊز ۾ خردبرد ۽ سرڪاري خزاني کي نقصان پهچائڻ جا الزام ثابت ٿيڻ تي ٻن ايگزيڪيوٽو انجنيئرز کي نوڪري مان برطرف ڪري ڇڏيو. سنڌ جي چيف سيڪريٽريسيد آصف حيدر شاهه جي هدايتن تي ڪيل کاتي جي جاچ ۾ ان وقت جي ايگزيڪيوٽو انجنيئر محمد اسلم ڏاهري (بي ايس-18)، پي ايڇ اي (ڊيولپمينٽ / او اينڊ ايم) ڊويزن ٿرپارڪر ايٽ مٺي ۽ اشفاق علي ميمڻ (بي ايس-18)، او اينڊ ايم ڊويزن ٿرپارڪر ايٽ مٺي کي فنڊز جي ناجائز استعمال، اختيارن جي غلط استعمال ۽ مجموعي طور تي 15 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ ڪرپشن ڪرڻ جا ڏوهي قرار ڏنا ويا، جاچ دوران انڪشاف ٿيو ته اشفاق علي ميمڻ 15 مئي 2025 تي ٿيل ذاتي ٻڌڻي ۾ پنهنجي خلاف سنگين الزامن جو ڪو به اطمينان بخش جواب نه ڏئي سگهيو. ڊائريڪٽر جنرل (RO/UF) جي 2 مئي 2025 جي رپورٽ ۾ ميگا آر او پلانٽ مصري شاهه (2.0 ايم جي ڊي) تي لڳل 40 نيون ميمبرينز جي گم ٿيڻ جي به نشاندهي ڪئي وئي، جن جي قيمت تقريبن 1 ڪروڙ رپيا هئي، ان تي پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ ۽ ڳوٺاڻي ترقي بابت سيڪريٽري ٻنهي آفيسرن خلاف سخت ڪارروائي جي سفارش ڪئي. اهڙي طرح، محمد اسلم ڏاهري کي به 8 آگسٽ 2025 تي چيف سيڪريٽري سنڌ طرفان ذاتي ٻڌڻي جو موقعو ڏنو ويو، رڪارڊ ۽ سفارشون جائزو وٺڻ کانپوءِ سنڌ جي چيف سيڪريٽري سول سرونٽس (اي اينڊ ڊي) رولز 1973 تحت ٻنهي آفيسرن تي ”سروس مان برطرفي“ جي وڏي سزا لاڳو ڪري ڇڏي، ان سان گڏوگڏ خردبرد ٿيل رقم وصول ڪرڻ جا حڪم به جاري ڪيا.