ٽرينيڊاڊ ( ويب ڊيسڪ) پاڪستان ٽن ون ڊي ميچن جي سيريز جي پهرين ميچ ۾ ميزبان ويسٽ انڊيز کي ست مقابلي کانپوءِ پنج وڪيٽن تان هارائي سيريز ۾ 0-1 جي سرسي حاصل ڪري ورتي.
ٽرينيڊاد ۾ کيڏيل ميچ ۾ پاڪستان ميزبان ويسٽ انڊيز خلاف ٽاس کٽي پهرين فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو.
ويسٽ انڊيز پهريان کيڏندي 49 اوورن ۾ 280 رنسن تي آل آئوٽ ٿي وئي، ايون لوئس 60 رنسون ٺاهي ٽاپ اسڪورر رهيو.
پاڪستان جي شاهين آفريدي چار ۽ نسيم شاهه ٽي وڪيٽون ورتيون.
پاڪستان ويسٽ انڊيز جو 281 رنسن جو هدف 49 هين اوور ۾ پنج وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو.
گرين شرٽس طرفان حسن نواز 63 ۽ حسين طلعت 41 رنسن جي ناقابلِ شڪست اننگز کيڏي.
ڊيبيو تي ميچ وننگ اننگ کيڏندڙ حسن نواز کي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.