صالح پٽ (ويب ڊيسڪ) سکر جي علائقي صالح پٽ آر ڊي 115 ۾ ڪپڙا ڌوئيندڙ عورت تي واڳونءَ حملو ڪري ڏنو، جنهن ۾ هوءَ سخت زخمي ٿي پئي.
پوليس ٻڌايو ته ڪپڙا ڌوئيندڙ 35 ورهين جي عورت تي اوچتو واڳونءَ حملو ڪيو ۽ کيس پاڻي ۾ گِهلڻ جي ڪوشش ڪئي پر عورت جي رڙين تي سندس مڙس ۽ علائقي واسين کيس بچائي ورتو.
عورت کي زخمي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي سندس علاج ڪيو پيو وڃي، واڳونءَ سندس ڄنگهه تي حملو ڪيو.
You might also like