راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) سيڪيورٽي فورسز پاڪ-افغان سرحد تي ڪليئرنس آپريشن دوران فتنه الهندوستان جا وڌيڪ 14 دهشتگرد ماري ڇڏيا، جنهن بعد ٻن ڏينهن اندر مارجي ويل دهشتگردن جو انگ 47 ٿي ويو آهي.
آءِ ايس پي آر موجب، 8 ۽ 9 آگسٽ جي وچ واري رات ضلعي زوب جي علائقي سمبازا ڀرسان پاڪ-افغان سرحد تي ڪليئرنس آپريشن ڪيو ويو، جنهن ۾ وڌيڪ 14 ڀارتي اسپانسرڊ دهشتگرد مارجي ويا، مارجي ويل دهشتگردن وٽان هٿيار، گولا بارود ۽ بارودي مواد هٿ آيو.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته سيڪيورٽي فورسز ملڪ جي سرحدن جي حفاظت لاءِ پرعزم آهن ۽ پاڪستان جي امن، استحڪام ۽ ترقي کي نقصان پهچائڻ جي هر ڪوشش کي ناڪام بڻايو ويندو.
ياد رهي ته گذريل ڏينهن به سيڪيورٽي فورسز بلوچستان جي ضلعي زوب ۾ پاڪ-افغان سرحد وٽ داخل ٿيندڙ 33 دهشتگردن کي ماريو هو.
پاڪ-افغان سرحد تي فتنه الهندوستان جا وڌيڪ 14 دهشتگرد مارجي ويا، ٻن ڏينهن ۾ انگ 47 ٿي ويو
You might also like