مٺي(رپورٽ:غازي بجير)سپريم ڪورٽ جو جج جسٽس صلاح الدين پنهور مٺي پهچي مٺي جي گورنمينٽ گرلز ڊگري ڪاليج، بوائز ڪاليج، گرلز هاءِ اسڪول ۽ لائبرري جو دورو ڪيو، ڪاليجن ۽ اسڪولن ۾ سائنسي ليبارٽين ۽ لائبريرين ۾ سهوليتن جي کوٽ تي انتظاميا کي هدايتون ڪيون ته سهوليتون فراهم ڪيون وڃن، جسٽس صلاح الدين ڳالهائيندي چيو ته ٿر جا ماڻھو تمام گهڻا پٺتي پيل آھن، هتي ۾ اسڪولن جي حالت ٺيڪ ناهي، مٺي ۾ يونيورسٽي به ناهي، ڊگري ڪاليجن ۾ ڪابه بيچلر ڊگري نه پئي پڙھائي وڃي، صرف فرسٽ ايئر ۽ سيڪنڊ ايئر جا ڪلاس ئي هلن ٿا، اسان سمورن کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، سنڌ ۾ تعليمي نظام اڃان تائين بهتر ناهي مون هاءِ ڪورٽ جي فيصلن ۾ پنهنجو ايمان سمجهي تعليمي سڌارن جا فيصلا ڪيا ۽ ڊگري ڪاليجن جو فيصلو جنهن تي ڪافي حد تائين عمل پڻ ڪيو ويو آھي، جسٽس صلاح الدين پنهور جي دوري دوران ايس ايس پي ٿرپارڪر عادل ميمڻ غيرحاضر رھيو، جنهن تي جسٽس صلاح الدين پنهور ڊي ايس پي ماجد قائمخاني کان پڇاڻو ڪيو ته ايس ايس پي ڪٿي آهي، بيمار آهي ڇا؟ جنھن تي ڊي ايس پي ماجد قائمخاني چيو ته نه سائين ايس ايس پي ٿرڪول ۾ ميٽنگ تي ويل آهي، جنھن تي جسٽس چيو ته پوءِ ھتي توھان گارڊ آف آنر ناھيو ڏيندا ڇا؟ توهان کي خبر ناهي منھنجو آفيشلي پروگرام آھي،گارڊ آف آنر ناھي ڏيڻو؟ جلدي ڪيو گارڊ آنر جو بندوبست ڪيو، ھتي ئي ارينج ڪري وٺو، ڊي ايس پي کان پڇاڻو ڪيو پوليس پاران گارڊ آف آنر جي تياري نه ڪرڻ تي هن ڊي ايس پي کي جلد گارڊ آف آنر پيش ڪرڻ جو چيو ۽ ڊگري ڪاليج جي استادن کي گارڊ آف آنر ڏياريو، هن ايس ايڇ او مٺي سان مخاطب ٿيندي چيو ته اوهان چاهيو ته منشيات بند ٿي سگهي ٿي، جسٽس جي دوري جي ڪجھه دير بعد ايس ايس پي ٿرپارڪر عادل ميمڻ پھچي ويو ۽ جسٽس صلاح الدين پنھور سان ملاقات ڪئي.