خراب وقت ۾ ڄمي بيهڻ واري معاملي ۾ ٻڏتر جو شڪار پي ٽي آءِ

تحرير: نصرت جاويد

تحريڪ انصاف هن وقت سخت ترين حالتن مان گذري رهي آهي. ان جو باني ۽ ڪشش رکندڙ اڳواڻ گذريل ٻن سالن کان جيل ۾ آهي. ان جي غير موجودگيءَ ۾ اها جماعت اهڙي اڳواڻن جو گروهه تيار ڪرڻ ۾ ناڪام رهي آهي، جن تي عمران جا عاشق ڀروسو ڪري سگهن. سوشل ميڊيا انهن کي صرف انتها پسندي سيکاري آهي، جڏهن ته سياست ”درمياني واٽ“ ڳولهڻ جو تقاضو ڪندي آهي. مصلحت کي جيڪڏهن غداري يا منافقت جي برابر قرار ڏنو وڃي، ته سياسي پارٽين لاءِ مصيبتن جي دور ۾ پاڻ کي سنڀالڻ ڏاڍو مشڪل ٿي پوي ٿو.

سوشل ميڊيا جي عادي نام نهاد Z-Gen کي شايد اهو خبر ئي نه هجي ته تاريخ ۾ لينن نالي به هڪ انقلابي گذريو آهي. روس ۾ سوشلسٽ انقلاب ان جي سوچ سبب ممڪن ٿيو. جڏهن انقلابي حڪومت قائم ٿي، ته ان جي جوڙيل جماعت جا ڪارڪن اها گهر ڪئي ته ”پراڻي نظام“ سان لاڳاپيل هر شخص کي ”عبرت جو نشان“ بڻايو وڃي. انهن کي انگريزي محاوري واري Shut-up Call ڏيڻ لاءِ لينن هڪ مضمون لکيو، جنهن جو عنوان هو: ”ساڄي ونگ جو ٻارڙائپ وارو رويو“. ان مضمون مطابق، انتها پسندي وچولي طبقي جي دلين ۾ نااميديءَ ۽ زندگيءَ جي ڏکين حالتن جي ڪري پيدا ٿيل غصي ۽ پريشانيءَ جو اظهار هوندي آهي. پاڻ کي ”عقلِ ڪل“ سمجهندي، هي طبقو ٻين تي الزام تراشيءَ ذريعي اصل ۾ پنهنجي پريشان ذهن کي تسلي ڏيڻ جي ڪوشش ڪندو آهي.

تحريڪ انصاف پاڪستان جي پهرين سياسي جماعت آهي، جنهن سوشل ميڊيا جي هر پليٽفارم کي سرگرم ڪندي وچولي طبقي جي نوجوانن تائين پنهنجو پيغام پهچايو. پڙهيل لکيل عورتن جي وڏي انگ کي به سياسي ميدان ۾ سرگرم ٿيڻ لاءِ اتساهه ڏنو. پر سوشل ميڊيا تي انحصار ان جماعت جي حامين جي وڏي اڪثريت کي هي سوچ اختيار ڪرڻ تي مجبور ڪيو ته جيڪو شخص به انهن جي جماعت جو حامي نه آهي، سو ”وڪري لاءِ موجود“، وطن سان غدار، ۽ ”چور ۽ لٽيرو“ آهي. ”اقتدار ۾ بار بار ايندڙ چورن ۽ لٽيرن“ جي مسلسل مزاحمت جي نتيجي ۾ تحريڪ انصاف 2018ع ۾ اقتدار تائين پهتي. ان کي اقتدار تائين پهچائڻ ۾ ان رياستي اداري به اهم ڪردار ادا ڪيو، جيڪو اڄ تحريڪ انصاف جي سخت تنقيد هيٺ آهي. اقتدار ۾ اچڻ کان پوءِ به ”هڪ صفحو“ جو ذڪر جاري رهيو. آخرڪار آڪٽوبر 2021ع اچي ويو. قمر جاويد باجوه پنهنجي عهدي جي مدي ۾ ٽن سالن جي واڌ کان پوءِ به مطمئن نه هو. موصوف وطن جي وڌيڪ خدمت ڪرڻ لاءِ بي تاب هو. پر عمران خان ”هڪ صفحي“ جي حدن کان ٻاهر نڪرڻ چاهيو پئي. انهيءَ ڪري کيس وزارت عظميٰ تان هٽائڻ لاءِ هڪ محلاتي سازش تيار ٿي. هن ليک ۾ ان سازش جو مسلسل ذڪر رهيو آهي، ۽ اشارن ۾ ان جي مخالفت به ٿيندي رهي آهي.ماضيءَ کي وساري، اچو ته حال ڏانهن موٽي اچون. پنهنجي آزادي لاءِ عمران خان 5 آگسٽ 2025ع تي ”آر يا پار“ جهڙي تحريڪ جي اميد رکندو هو. پر اهو ڏينهن اچڻ کان اڳ ئي، 9 مئي جي واقعن جي نتيجي ۾ تحريڪ انصاف جا لڳ ڀڳ 14 قومي، صوبائي اسيمبليءَ ۽ سينيٽ جا ميمبر فيصل آباد جي دهشتگرديءَ جي روڪٿام واري عدالت مان ڏهه ڏهه سالن جي سزا حاصل ڪري ويٺا. ان سبب اهي چونڊيل ادارن ۾ ويهڻ لاءِ ”نااهل“ قرار ڏنا ويا. هي فيصلو اچڻ سان ئي تحريڪ انصاف جي (هاڻ تائين) جيل کان ٻاهر رهندڙ قيادت لاءِ سوين سوال جنم وٺي ويا. 5 آگسٽ تي ”آر يا پار“ واري تحريڪ جي تياريءَ بجاءِ، اهي ذهن ۾ ابلندڙ سوالن جا جواب ڳولهڻ ۾ لڳي ويا.

اليڪشن ڪميشن جي هٿان نااهل ڪيل ميمبرن بابت فيصل آباد جي عدالت جو فيصلو غور سان پڙهندي، مون جهڙي قانون کان اڻواقف ماڻهوءَ به ڪيترائي قانوني سُقم محسوس ڪيا. انهن تي غور ڪندي دل ۾ خيال آيو ته جيڪڏهن نااهل ٿيل ميمبر هاءِ ڪورٽ ۾ اثرائتي قانوني دليلن سان اپيل داخل ڪن، ته ممڪن آهي ته انهن کي ڏنل سزائون قائم نه رهي سگهن. هن اميد جي باوجود هڪ تلخ حقيقت اها به آهي ته هاءِ ڪورٽ مان رليف وٺڻ لاءِ سزا يافته ۽ نااهل ٿيل ميمبرن لاءِ لازمي آهي ته اهي پاڻ کي ”قانون“ اڳيان پيش ڪن. سادن لفظن ۾ چئجي ته هاءِ ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪرڻ لاءِ، ميمبرن کي اصالتاً عدالت ۾ پيش ٿيڻ لازمي آهي. پر ان ڳالهه جي ڪا به گارنٽي نه آهي ته عدالت ۾ پيش ٿيندي ئي کين ضمانت ملي ويندي يا سندن نااهليءَ وارو فيصلو معطل ڪيو ويندو. 26هين آئيني ترميم کانپوءِ اسان جون عدالتون هاڻ افتخار چوڌري، ثاقب نثار ۽ عمر عطا بنديال جهڙن ”جرئت مند“ ججن کان لڳ ڀڳ خالي ٿي چڪيون آهن. هي حقيقت ذهن ۾ رکندي، مثال طور محترمه زرتاج گل کي سو دفعا سوچڻو پوندو ته هوءَ پاڻ کي قانون جي حوالي ڪرڻ کانپوءِ نج نه ڄاڻ ڪيترا مهينا يا سال جيل وڃي، يا وري ”سُٺن ڏينهن“ جي انتظار ۾ روپوش رهي.

جيڪو مثال مان اوهان جي اڳيان رکيو آهي، اهو مڪمل طور تي سخت ۽ فيصلائتي سوچ جو متقاضي آهي. تحريڪ انصاف جو هر اهو اڳواڻ، جيڪو فيصل آباد جي عدالت مان سزا حاصل ڪري نااهل ٿيو آهي، اهو پڻ سوچڻ تي مجبور آهي ته هو پنهنجي قائد عمران خان جهڙو عالمي سطح تي مشهور ماڻهو نه آهي. سندس سامهون شاهه محمود قريشي ۽ ڊاڪٽر ياسمين راشد جهڙيون مثالون آهن، جيڪي ڪيترن مهينن کان لاهور جي ڪوٽ لکپت جيل ۾ قيد آهن. انهن جي خلاف مقدما به جيل ۾ ئي هليا. ميڊيا ۾ انهن جو نالو به گهٽ ئي ورتو وڃي ٿو. سندن ويجها عزيز ۽ دوست ته ٺهيو، تحريڪ انصاف جا ڪيترا ئي ”خودساخته فدائي“ به انهن سان ملڻ نٿا وڃن. انهن مثالن کي ذهن ۾ رکندي شبلي فراز هجي يا زرتاج گل، اهو ضرور سوچيندا ته ڇا اهي ايندڙ گهٽ ۾ گهٽ ٻه سال جيل جي تڪليفن لاءِ وقف ڪن يا نه؟ اربع جي صبح تائين جيڪي خبرون مون تائين پهتيون، انهن مان اهو ظاهر پئي ٿيو ته نااهليءَ جو شڪار ٿيندڙ اڳواڻن مان رڳو قومي اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر جو اڳوڻو اڳواڻ عمر ايوب خان ئي پشاور هاءِ ڪورٽ مان ”حفاظتي ضمانت“ وٺڻ کان پوءِ پاڻ کي قانون جي حوالي ڪرڻ چاهيندو آهي. باقي سڀ اڳواڻ ٻڏتر جي حالت ۾ آهن. پر اربع جي منجھند تائين حالتون بدلجي چڪيون هيون. جائز سببن جي بنياد تي گرفتار ٿيل تحريڪ انصاف جي اڳواڻن کي 5 آگسٽ جي شو نه ڏيکاري سگهڻ جو ذميوار قرار ڏيڻ مون جي نظر ۾ ناانصافي ٿيندي. اهي اڳواڻ، البت، تحريڪ انصاف جي عام حامين جي وڏي اڪثريت طرفان سوشل ميڊيا تي جيڪڏهن ”غدار“ نه، ته ڪم از ڪم ”نڪما“ ضرور سڏيا پيا وڃن. مان خلوص سان اهڙن اڳواڻن جي دلين ۾ پلجندڙ جذبن کي سمجهي سگهان ٿو. پر بُرن وقتن ۾ اٽل بيهڻ کانسواءِ، انهن وٽ پنهنجي سياسي بقا کي يقيني بڻائڻ لاءِ ٻي ڪا به واٽ بچي نه آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.