”ڀارت قبلو درست ڪري“ ٽرمپ جو واپاري معاهدي تي ڳالهين کان کتو جواب

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ڀارت سان واپار بابت ڳالهين کان صاف انڪار ڪري ڇڏيو.
آمريڪي صدر اوول آفيس ۾ صحافي جي سوال تي جواب ڏيندي چيو ته ؟جيستائين ٽيرف جو معاملو حل نه ٿيندو تيستائين ڀارت سان ڪنهن به قسم جي واپاري ڳالهيون نه ٿينديون.“
صحافي سوال ڪيو ڇا آمريڪا، ڀارت سان ٽيرف جي معاملي تي ڳالهين لاءِ تيار آهي؟ جنهن تي صدر ٽرمپ واضح ڪيو ته ٽيرف تڪرار حل ٿيڻ تائين واپار بابت ڪنهن به قسم جي ڳالهه ٻولهه نه ٿيندي.
ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ آمريڪي صدر ڀارت تي وڌيڪ 25 سيڪڙو ٽيرف لاڳو ڪيو هو، جنهن کان پوءِ ڀارتي درآمدات تي مجموعي ٽيرف 50 سيڪڙو تائين پهچي ويو آهي.
آمريڪي ٽيرف لاڳو ٿيڻ کانپوءِ ڀارتي پرڏيهي کاتي جي ترجمان طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته آمريڪا جو واڌو ٽيڪس وارو قدم افسوسناڪ آهي.
بيان ۾ چيو ويو ته ڀارت جيڪي قدم کڻي رهيو آهي، اُهو ڪيترائي ٻيا ملڪ به پنهنجي قومي مفاد لاءِ کڻي رهيا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.