اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر جو عهدو خالي ٿيڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ٿي ويو.
قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ هيٺين ايوان ۾ اپوزيشن ليڊر جو عهدو خالي ٿيڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو آهي.
واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ دهشتگردي ٽوڙ عدالت 9 مئي ڪيسن ۾ عمر ايوب کي سزا ٻڌائي هئي، جنهن بعد اليڪشن ڪميشن قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ عمر ايوب ۽ سينيٽ ۾ اپوزيشن ليڊر شبلي فراز سميت 9 پارليامينٽ ميمبرن کي نااهل قرار ڏنو هو.
ذريعن موجب، قومي اسيمبلي جو اسپيڪر نئين اپوزيشن ليڊر جو نوٽيفڪيشن جاري ڪندو، جڏهن ته پي ٽي آءِ آزاد ميمبرن کي پارلياماني ليڊر ۽ ڊپٽي پارلياماني ليڊر لاءِ ٻيهر نالا ڏيڻا پوندا.
ذريعن موجب، زرتاج گل کان پارلياماني ليڊر ۽ احمد چٺا کان ڊپٽي پارلياماني ليڊر جو عهدو به واپس ورتو ويو، جڏهن ته مخالف ڌر جي اڳواڻ لاءِ مخصوص ڪيل اسيمبلي چيمبر به واپس ورتو ويو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته عمر ايوب کي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي فنانس ڪميٽي مان به ڊي لسٽ ڪيو ويو آهي، جڏهن ته پي ٽي آءِ جي نااهل 7 ميمبرن کان اسٽينڊنگ ڪميٽين جي ميمبرشپ واپس ورتي وئي آهي.
ذريعن موجب، پي ٽي آءِ جي 7 اسيمبلي ميمبرن کان 15 اسٽينڊنگ ڪميٽين جي رڪنيت واپس ورتي وئي آهي.
ان کانسواءِ صاحبزاده حامد رضا جي انساني حقن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين شپ ختم ڪئي وئي آهي، جڏهن ته زرتاج گل کي انساني حقن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي رڪنيت کان محروم ڪيو ويو آهي، راءِ حسن نواز جي ريلوي جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين شپ به ختم ڪئي وئي آهي.
You might also like