باجوڙ (ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخوا جي علائقي باجوڙ ۾ خارجين جو ڪوڙ وائکو ٿي ويو.
سيڪيورٽي ذريعن موجب، باجوڙ ۾ قبائلين ۽ خارجين بابت ڳالهين ۾ ڄاڻي واڻي ابهام پيدا ڪيو پيو وڃي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته دهشتگرد باجوڙ ۾ آبادين اندر رهي دهشتگردي ڪري رهيا آهن.
ذريعن موجب، ڪي پي جي وڏي وزير ۽ سيڪيورٽي عملدارن قبائلين سامهون ٽي نقطا رکيا آهن.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پهريون نقطو اِهو آهي ته خارجين جن ۾ اڪثريت افغانين جي آهي، کي علائقي مان ٻاهر ڪڍيو وڃي.
ٻيو نقطو آهي ته جيڪڏهن خارجين کي ٻاهر نه ٿا ڪڍي سگهن ته ڪجهه ڏينهن لاءِ علائقو خالي ڪن ته جيئن فوري طور فورسز ڪم شروع ڪن.
ٽيون ۽ آخري نقطو جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آهيي ته جيڪڏهن ٻنهي قدمن تي عمل نه ٿيو، ته فورسز شهرين کي نقصان کان بچائيندي ڪارروائي جاري رکندي.
سيڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته دهشتگردن خلاف ڪارروائي هر صورت ۾ جاري رهندي، دين رياست ۽ خيبرپختونخوا جي عوام سان ڪمپرومائز جي اجازت نه ٿو ڏئي، هٿياربند ڪارروائي جو اختيار رڳو رياست وٽ آهي.
” خارجين کي ٻاهر ڪڍو يا علائقو خالي ڪريو“، سيڪيورٽي فورسز قبائلين آڏو 3 آپشن رکي ڇڏيا
You might also like