اسلام آباد(م ڊ) اطلاعات واري وفاقي وزير عطا الله تارڙ چيو آهي ته بحريا ٽائون ڪرپشن ڪيس جي جاچ ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي، اسپتال تي ايف آءِ اي جي ڇاپي دوران هڪ ارب 12 ڪروڙ رپين جي مني لانڊرنگجا ثبوت مليا آهن، بحريا ٽائون مني لانڊرنگ ۽ حوالا هُنڊي لاءِ سفاري اسپتال کي فرنٽ آفيس طور استعمال ڪري رهيو هو، ايف آءِ اي ڇاپي دوران گروپ جي عملي اتي موجود رڪارڊ کي ساڙڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ان جي باوجود به گهڻو رڪارڊ قبضي ۾ ورتو ويو آهي، مني لانڊرنگ جي ڪيترن ئي ڪيسن ۾ نامزد ٻه جوابدار، عمران ۽ قيصر، سڄو ڪاروبار هلائين ٿا، انهن ٻنهي جا بحريا ٽائون جي چيف فنانس آفيسر عامر رشيد سان رابطن جو به انڪشاف ٿيو آهي ۽ ان جا ثبوت به ايف آءِ اي پنهنجي قبضي ۾ وٺي چڪي آهي.