مستونگ/ ڏکڻ وزيرستان (م ڊ) بلوچستان جي ضلعي مستونگ ۾ بم حملو ٿيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ميجر سميت ٽي سيڪيورٽي اهلڪار شهيد ۽ ٽي زخمي ٿي پيا آهن.انتظاميا جي سينيئر آفيسر موجب حملو تحصيل ڪردگاپ ۾ ڳوٺ پسند خان ڀرسان ٿيو، جتي نامعلوم هٿياربندن اڳواٽ ڌماڪيدار مواد لڳايو هو. ڌماڪو ان وقت ٿيو جڏهن سيڪيورٽي فورسز جون گاڏيون اتيان گذري رهيون هيون، ڌماڪي ۾ هڪ گاڏي مڪمل طور تباهه ٿي وئي، جنهن ۾ ميجر ۽ ٻه ٻيا اهلڪار شهيد ٿي ويا، جڏهن ته ٽي زخمي آهن. حملي جي ذميواري ڪالعدم تنظيم بلوچ لبريشن آرمي قبول ڪئي آهي. آءِ ايس پي آر طرفان اڃان تائين ڪو به بيان جاري نه ڪيو ويو آهي.