ملڪ رياض کي انٽرپول ذريعي ملڪ واپس آڻڻ جون تياريون،هڪ وڌيڪ رٽائرڊ جنرل ريڊار تي

لاهور/اسلام آباد(زاهد گشڪوري+امداد سومرو+آصف بشير چوڌري) بحريه ٽائون خلاف ڪارروايون تيز ٿي ويون آھن.ايف آءِ اي ٻه وائس ايڊمرل زاهد الياس (پنڊي)احمد حيات (ڪراچي) گرفتار ڪيا آهن،ملڪ رياض جو الزام آھي ته مٿس دٻاءُ وڌو پيو وڃي ته هو عمران خان خلاف وعده معاف گواه بڻجي. پر حقيقت اھا آھي ته هن لکين ارب روپيا ڪڍي ٻاهر موڪليا.هن بحريه ٽائون ڪراچي واري ڏنڊ مان  فقط جزوي طور ادائيگي ڪئي،باقي پئسا ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. هڪ وڏو بزنس ٽائڪون جي بقول ملڪ رياض جو مسئلو پئسو نه، پر پئسا واپس ڪرڻ کان ڀڄڻ آهي،هو سمجھي ٿو ته ڌمڪي ڏئي ڪنهن رعايت وٺي سگھي ٿو، پر هن ڀيري شايد ڪابه رعايت نه ملي.،بحريه ٽائون جي جاءِ تي ٻيو ڪو ايندو، مارڪيٽ بيهجي نه ويندي،ملڪ رياض جي بليڪ ميلنگ هاڻ ڪم نه ايندي،جيڪڏهن بحريه ٽائون وارو پينڊورا باڪس کلي پيو، ته وڏا صحافي، سياستدان، فوجي، سڀ ان ۾ اچي سگھن ٿا.۽ پوءِ ڪوبه معتبر ماڻهو محفوظ نه رهندو.ٻئي پاسي بحريا ٽائون لاهور جي سي اي اوکي نوٽيس جاري ڪيو ويو آهي،ٻن رٽائرڊ برگيڊيئرن کان جاچ جاري آهي،هڪ رٽائرڊ ليفٽيننٽ جنرل به ايف آءِ اي ريڊار تي اچي ويو آهي،ٻن رٽائرڊ ميجر جنرلن سميت 15 ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي،جن ۾ ٻه رٽائرڊ ڪرنل،هڪ رٽائرڊ برگيڊيئر، ٻه رٽائرڊ ميجر شامل آهن،انهن جا اڪائونٽس منجمد ڪيا ويا آهن،35 هزار ملازمن کي پگهار ڏيڻ مسئلو بڻجي چڪو آهي،اڄ 190 ملين پائونڊ ڪيس ۾ بحريا ٽائون جي اربين رپين ملڪيتن جي نيلامي جو ڏينهن آهي،ان کان علاوه 58 هزار پلاٽن جي ڊليوري ٿي رهي آهي،سپريم ڪورٽ ۾ بحريا ٽائون پاران پ پ جي ناليواري وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ پٽيشن داخل ڪئي آهي،فاروق نائيڪ نيب خلاف آصف علي زرداري ۽ ٻي مرڪزي قيادت جو هميشه وڪيل رهيو آهي،هر ڪيس ۾ کيس لڳ ڀڳ ڪاميابي ئي ملي آهي،ذريعن موجب بحريا ٽائون خلاف جاچ ۾ جيئن عمران خان خلاف ثبوت مليا تيئن سنڌ ۾ پ پ جي قيادت خلاف به جاچ ڪندڙ ادارن کي ڪجهه ملي سگهي ٿو،اطلاع آهن ته ملڪ رياض سان ڳالهيون به هلندڙ آهن،مني لانڊرنگ جي الزام ۾ وڏن وڏن مني ايڪسچينج ڊيلرن کي به کنڀيو ويو آهي،سمورن ماڻهن جا نالا اي سي ايل ۾ شامل ڪيا ويا آهن،بحريا ٽائون جا سمورا آپريشن بند آهن،ٻئي پاسي نيب مني لانڊرنگ جي الزام هيٺ راولپنڊي جي احتساب عدالت ۾ هڪ شڪايت داخل ڪئي آهي، تخت پڙي ۽ ڊي ايڇ اي ويلي ذريعي ڪمايل پئسن مان  ملڪ رياض ڪراچي ۾ بحريا آئيڪون ٺاهيو هو،درخواست  ۾ 2.25 ارب رپين جا تفصيل شامل ڪيا ويا آهن،بئنڪ ٽرانزيڪشن ۾ ڪراچي سان تعلق رکندڙ هڪ طاقتور شخصيت جي فرنٽ مين ڊنشا جو نالو سامهون آيو آهي،نيب جي درخواست ۾ ملڪ رياض،هن جي پٽ علي رياض،ملڪ رياض جي گهرواري دينا رياض،ڌيءُ مبشرا علي ملڪ،ناٺي زين ملڪ،ٻئي ناٺي سلمان احمد خان،ملڪ رياض جي ڀاءُ وقاص رفعت،گليڪسي ڪمپني جي ڊائريڪٽرن کي شريڪ جوابدار ڄاڻايو ويو آهي،نيب پاران نوٽيس باوجود اهي سمورا جوابدار جواب داخل ڪرڻ لاءِ نه آيا،ان جاچ ۾ اها به خبر پئي آهي ته آئيڪون ٽاور سان باغ ابن قاسم جي 20 ايڪڙ  به ان ۾ شامل ڪئي وئي،ٻنهي پاسن جي روڊن جا 10-10 فٽ به آئيڪون ٽاور ۾ شامل ڪيا ويا ڇو ته سنڌ ۾ طاقتور سياسي شخصيت ملڪ رياض سان گڏ هئي،نيب انهن جا نالا اي سي ايل ۾ وجهي ڇڏيا آهن ۽ ريڊوارنٽ لاءِ به تياريون جاري آهن،ٻئي پاسي برطانيا ۾ مني لانڊرنگ ڪيس جي سيٽلمينٽ سبب ملڪ رياض جي مالٽا جي شهريت ختم ٿي وئي آهي هاڻي هو ڪنهن ٽئين ملڪ ۾ پناهه وٺڻ جي تياري ڪري رهيو آهي هڪ اهڙو ملڪ جنهن تي  مني لانڊرنگ الزام هيٺ کيس پاڪستان واپس وٺي وڃڻ لاءِ زور نه ڀري سگهجي،هن جي ويجهو ساٿين شاهد قريشي ۽ ٻين اتر آمريڪا جي ملڪ ۾ شهريت وٺي ڇڏي آهي،ملڪ رياض سان همدردي رکندڙن تي ادارن جي نظر آهي انهن خلاف به ڪريڪ ڊائون ٿي سگهي ٿو،ٻئي پاسي ملڪ رياض جي ڀاءُ وقاص رفعت ٻاهرين ملڪ وڃڻ جي ڪوشش ڪئي پر انٽيليجنس ايجنسي ايئرپورٽ تي اچي کيس واپس وٺي وئي،ان معاملي تي ايف آءِ اي جي هڪ ڊپٽي ڊائريڪٽر خلاف جاچ شروع ٿي وئي آهي.

نوٽ: هي تجزيو روزاني عوامي آواز خميس 07 آگسٽ 2025ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.