مٺي(رپورٽ:غازي بجير)مٺي جي گڍي ڀٽ تي پينا فليڪس معاملي تي پ پ جي ڌڙن ملاڻين ۽ اربابن ۾ ڇڪتاڻ ٿي وئي آهي. سوين ماڻھو گڏ ٿي ويا جڏهن ته سياح پريشان ٿي ويا آهن. مٺي ۾ قائم اھم تفريح ماڳ گڍي ڀٽ تي پوٽريٽلڳائڻ ۽ ھٽائڻ تان پ پ جي ٻن گروپن ارباب لطف الله ۽ مھيش ملاڻي حامين وچ ۾ چڪتاڻ پيدا ٿي وئي آھي. تفريحي ماڳ تي پ پ جي مرڪزي قيادت ۽ مقامي اڳواڻن جا پينافليڪس لڳڻ ڪري گڍي ڀٽ جو يادگار مڪمل ڍڪجي ويو آھي. گذريل رات دير سان گڍي ڀٽ جي يادگار مٿي پ پ جي مرڪزي قيادت سان گڏ ايم پي اي ارباب لطف الله ۽ ايم پي اي ڊاڪٽر کٽومل جيوڻ جي حامي ڪارڪنن پاران جشن آزادي جي موقعي تي پينافليڪس ٺھرائي لڳايو ويو،جيڪو پينافليڪس اڻ ڄاتل ماڻھو لاھي ويا آھن. پ پ ايم پي اي ارباب لطف الله جي حامين پاران پ پ ايم اين اي ڊاڪٽر مھيش ڪمار ملاڻي جي حامين ۽ ميونسپل ڪاميٽي جي انتظاميا تي پينافليڪس لاھڻ جا الزام ھنيا ويا آھن،ارباب لطف الله ۽ ڊاڪٽر کٽومل جيوڻ جي حامي ڪارڪنن پاران پينافليڪس لاھڻ خلاف احتجاج پڻ ڪيو ويو. ھڪ گروپ جي ڪارڪنن پاران ارباب لطف الله ھائوس کان جلوس ڪڍي گڍي ڀٽ پھچي احتجاج ڪيو ۽ لاٿل پينا فليڪس ٻيھر واپس ساڳئي ھنڌ تي لڳائي ڇڏيو آھي،ڪارڪنن احتجاج ڪندي چيو ته گڍي ڀٽ ارباب دور ۾ ٺھي،ھاڻي انھي تي ملاڻين قبضو ڪري ورتو آھي. سموري گڍي ڀٽ تي ملاڻين پنھنجا پينافليڪس لڳرائي ڇڏيا آھن ٻيو ڪو پينافليڪس لڳائي ٿو ته انھن جا بينر ميونسپل انتظاميه لاھي اڇلائي ٿي ڇڏي جيڪو عمل برداشت جوڳو ناھي.اسان پارٽي قيادت کان مطالبو ڪيون ٿا ته ھن عمل جو نوٽيس وٺي. تفريحي ماڳ تي پينافليڪس لڳائڻ بعد پيدا ٿيل ڇڪتاڻ سبب گھمڻ ايندڙ سياح سخت پريشان ٿي ويا آھن.
قيادت جي تصويرن مٿان پينا فليڪس لڳائڻ تي ملاڻين ۾ ڪاوڙ
مٺي: پينافليڪس مٿان پينافليڪس لڳائڻ خلاف ملاڻي حامين ۾ ڪاوڙ لھر،انھي سلسلي ۾ پ پ ايم اين اي ڊاڪٽرمھيش ڪمار ملاڻي جي حامي ڪارڪنن پاران پارٽي قيادت جي لگايل تصويرن مٿان پينافليڪس لڳائڻ تي ڪاوڙ جي لھر ڇانيل آھي. ملاڻي حامي ڪارڪنن جو چوڻ آھي ته گڍي ڀٽ کي ملاڻي فيملي خوبصورت بڻايو آھي،پ پ جي مرڪزي قيادت جي لڳايل تصويرن مٿان ارباب لطف الله ۽ ڊاڪٽر کٽومل جيوڻ جي حامين پينافليڪس لڳائي غلط حرڪت ڪئي آھي.ڪنھن جي به تصويرن مٿي تصويرون لڳائڻ مناسب ڪونھي،ھنن چيو آھي ته ارباب لطف الله ۽ ڊاڪٽر کٽومل جيوڻ جا ڪارڪن ھٿ وٺي مٺي ۾ فساد ڪرائڻ چاھين ٿا،ارباب حامي ڪارڪنن پ پ قيادت جي تصويرن مٿي پينافليڪس لڳائي وري پاڻ لاھي جھيڙي وارو ماحول جوڙيو آھي.
تفريحي ماڳ کي سياسي آکاڙو بڻائڻ مذمت جوڳو آهي: سياسي سماجي اڳواڻ
مٺي:سياسي سماجي ڌرين پاران تفريح ماڳ کي سياسي تصويرن کان آزاد ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو پيو وڃي،مٺي جي شھرين۽ سماجي اڳواڻن موجب ته گڍي ڀٽ ھڪ تفريحي ماڳ آھي انھي کي تڪراري بڻائڻ بدران سمورن سياسي اڳواڻن جا پينافليڪس لڳائي اتي ٿر جي سياحتي ماڳن جا ڦوٽو لڳايا وڃن ته ايندڙ ويندڙ سياحن کي به ڄاڻ ملي سگھي.
تڪرار کان پاسو ڪيووڃي: نند لال مالهي
مٺي: پ پ پ ضلعي ٿرپارڪر جي ترجمان ڪامريڊ نندلال مالهي پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته پ پ پ جي ايماين اي ڊاڪٽر مهيش ملاڻي ۽ ايم پي اي ارباب لطف الله جي حامين پيپلز پارٽي جي ورڪرن پاران مٺي ۾ گڍي ڀٽ سميت مختلف هنڌن تي پينافليڪس لڳائڻ واري تڪرارن کي ختم ڪري پرامن رهڻ جي هدايت ڪئي آهي. ھن چيو ته ڊاڪٽر مهيش ملاڻي ۽ ارباب لطف الله ٻئي پ پ پ جا چونڊيل نمائندا آهن. ٻنهي جي حامين کي تڪراري جاين تي پينافليڪس لڳائڻ ۽ هڪٻئي جي تصويرن مٿان پينافليڪس لڳائڻ ۽ هڪٻئي جا پينافليڪس لاهڻ واري عمل کان هر صورت ۾ پاسو ڪرڻ گهرجي.
ملاڻي خاندان جي تصويرن بعد ارباب لطف الله پينافليڪس لڳايو ته ڇڪتاڻ ٿي
مٺي:گڍي ڀٽ جي ٽاور تي وڏي عرصي کان شھيد بينظير، ذوالفقار ڀٽو، آصف زرداري، بلاول سميت ملاڻي فيملي جا ڦوٽو لڳل آهن، ٻئي ڌڙي پاران رات شھيد بينظير ڀٽو، ذوالفقار علي ڀٽو، آصف زرداري، بلاول سميت ارباب امير حسن، ارباب لطف الله ۽ کٽومل جيوڻ جو پينافليڪس لڳايو ويو جنھن تان ڇڪتاڻ شروع ٿي.ملاڻي حامين پاران لڳايل تصويرن تي پينافليڪسن لڳايڻ جي شڪايت ڪئي پئي وڃي.