تازو ڇپيل ٿيل هڪ مطالعي مان انڪشاف ٿيو آهي ته الٽرا-پروسيڊ کاڌن جو گهڻو استعمال ڦڦڙن جي ڪينسر جو خطرو لڳ ڀڳ 41 سيڪڙو تائين وڌائي سگهي ٿو.
هن تحقيق ۾ لڳ ڀڳ 101,700 آمريڪي بالغن جي ڊيٽا کي 12 سالن تائين فالو ڪيو ويو، جن مان 1,706 ماڻهن کي ڦڦڙن جو ڪينسر ٿيو.
جن ماڻهن روزانو وڏي مقدار ۾ الٽرا-پروسيڊ کاڌا استعمال ڪيا، انهن ۾ ٻين جي ڀيٽ ۾ 41٪ وڌيڪ ڪينسر جو خطرو ڏٺو ويو، جيتوڻيڪ تحقيق دوران سگريٽ نوشي ۽ عام غذائي معيار کي به نظر ۾ رکيو ويو.
ماهرن الٽرا پروسيڊ کاڌن ۾ ڪولڊ ڊرنڪس، انڊسٽريل اسنيڪس، انسٽنٽ نوڊلز، فروزن کاڌو، پروسيڊ گوشت، ڪيڪ، پيزا وغيره کي شامل ڪيو آهي۔
اهي کاڌا عام طور تي گهڻي لوڻ، چرٻي، کنڊ ۽ ڪيميائي مواد تي مشتمل هوندا آهن ۽ انهن ۾ سايون ڀاڄيون، ميوا ۽ غذائي جزا گهٽ مقدار ۾ شامل هوندا آهن۔
هڪ آسٽريلين تحقيق موجب جيڪڏهن روزاني غذا جو 40٪ يا وڌيڪ حصو الٽرا-پروسيڊ کاڌا هجن، ته پوءِ ساهه جي بيمارين سبب موت جو خطرو 26٪ تائين وڌي سگهي ٿو.