پنڊي واقعو: جرڳي جي سربراهه جو عورت کي پاڻ قتل ڪرڻ جو انڪشاف

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) راولپنڊي پير وڌائي واري علائقي ۾ پرڻيل عورت جي قتل جو حڪم ڏيندڙ جرڳي جي سربراهه عصمت الله ڇرڪائيندڙ انڪشاف ڪيا آهن.
پوليس طرفان داخل ڪيل نئين ايف آءِ آر موجب، جاچ دوران جرڳي جي سربراهه عصمت الله ٻڌايو ته سندس جرڳي جي فيصلي تي سدرا کي قتل ڪيو ويو.
جوابدار جاچ دوران اعتراف ڪيو ته مقتولا سندس سئوٽ هئي ۽ مقتولا مڙس عثمان جي گهر هٿيارن ساڻ داخل ٿيس، هٿيارن جي زور تي سدرا کي مظفرآباد مان راولپنڊي آندو.
عصمت الله ٻڌايو ته برادري جي فيصلي موجب، سدرا عرب کي قتل ڪيو ويو ۽ لاش کي قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو.
جوابدار اعتراف ڪيو ته قتل وقت صالح محمد، اماني گل ۽ ٻيا ساڻس گڏ هئا.
عصمت الله نه صرف عورت کي قتل ڪرڻ جو اعتراف ڪيو پر قتل ۾ استعمال ٿيندڙ هٿيار بابت تفصيل پڻ ڏنا.
جوابدار جي نشاندهي تي ڪلاشنڪوف هٿ ڪئي وئي، جڏهن ته پوليس موجب جوابدار وٽ ڪلاشنڪوف جو لائسنس پيش نه ڪري سگهيو، جنهن بعد سندس خلاف غيرقانوني هٿيار رکڻ جي الزام هيٺ هڪ ٻي ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي.
ياد رهي ته 16 ۽ 17 جولاءِ جي وچ واري رات راولپنڊي جي علائقي پير وڌائي ۾ شادي شده عورت کي قتل ڪري لاش کي قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.