ڪجهه نانگن ۽ ڪِرڙين جي مٿي تي سڱ ڇو هوندا آهن؟ ڄاڻيو

سڱ رڳو گينڊي ۽ ڍورن لاءِ ئي خاص نه آهن پر اهي نانگن ۽ ڪِرڙين جي مٿن تي به اوهان کي ڏسڻ ۾ ايندا پر ان جو سبب ڇا آهي؟
بائيولوجي ليٽرز ۾ محققن موجب سڱن واري ڪِرڙين ۽ نانگن جي اڪثريت شڪار لاءِ انتظار ڪندي آهي شڪار جو پيڇو نه.
سائنسدانن موجب سڱ امڪاني طور تي جانورن کي ڀرپاسي جي ماحول ۾ لڪڻ لاءِ مدد ڪندا آهن پر وڌيڪ حرڪت ڪندڙن لاءِ اهو نقصانڪار به ٿي سگھن ٿا، ڇو جو اهي امڪاني طور تي شڪار ۽ شڪارين جي نظر ۾ جانور جي موجودگي کي ظاهر ڪندا آهن.
ماضيءَ ۾ ٿيل مطالعن مان خبر پوي ٿي ته آڳاٽي زماني ۾ نانگن ۽ ڪِرڙين جا سڱ مختلف ڪمن لاءِ به استعمال ٿيندا هوندا جيئن ميلاپ، دفاع ۽ جسماني بيهڪ سبب ٻين جانورن کي دوکو ڏيڻ.
بيلجيئم جي يونيورسٽي آف انٽورپ ۾ محقق فيڊريڪو بنفي جو چوڻ آهي ته سڱ ڪجهه قسمن جي جاندارن لاءِ نعمت هوندا آهن پر ڪجهه لاءِ بار.
هن چيو ته جيڪي جانور تمام گھڻي چرپر ڪندا آهن، اهي پنهنجي مٿي تي سڱ رکڻ سان نقصان جو شڪار ٿي سگھن ٿا، اهي انهن کي شڪار ۽ شڪارين لاءِ وڌيڪ نمايان بڻائيندا آهن، ڇو جو سڱ انهن جي مٿي کي وڏو ڏيکاريندا آهن، جنهن سان ٻيا شڪاري جانور انهن کي سولائيءَ سان ڏسي سگھن ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.