مسٽر پرفيڪشنسٽ عامر خان هڪ ڀيرو ٻيهر ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته جڏهن ڳالهه اسٽائيل، ڪلاس ۽ لوڪيشن جي هجي ته هو ڪنهن کان به گهٽ ناهي!
عامر خان ممبئي جي باندرا علائقي ۾ چار لگزري اپارٽمينٽس ڪرائي تي وٺي ڇڏيا آهن، جن جو گڏيل ماهوار ڪرايو 80 لک روپيا آهي.عامر خان انهن فليٽن کي ڪرائي تي وٺڻ لاءِ 5 سالن جو معاهدو ڪيو آهي ۽ ان لاءِ هن لڳ ڀڳ 4 ڪروڙ 70 لک روپين جو سيڪيورٽي ڊپازٽ جمع ڪرايو آهي۔
اصل ۾ عامر خان جي پنهنجي رهائش، مطلب "ورگو هائوسنگ سوسائٽي”، هن وقت ري ڊيولپمينٽ جي مرحلي مان گذري رهي آهي، جنهن سبب هن کي عارضي طور ٻئي هنڌ منتقل ٿيڻ جي ضرورت پئي.
دلچسپ ڳالهه اها آهي ته عامر خان جي اها عارضي رهائش، شاهه رخ خان جي عارضي رهائش جي بلڪل ويجهو آهي، مطلب هاڻ ٻئي پاڙيسري بڻجي ويا آهن. شاهه رخ خان به پنهنجي مستقل رهائش "منت” جي مرمت ۽ سينگارجڻ جي ڪري عارضي طور باندرا جي انهيءَ ئي علائقي ۾ رهائش اختيار ڪئي آهي.
باندرا ۽ پالي هِل اڳ ئي فلمي ستارن جو علائقو سمجهيو ويندو آهي. عامر خان ۽ شاهه رخ خان سميت سلمان خان، ڪرينه ، سيف، رنبير، عاليه، ريکا ۽ هاڻ رنوير ۽ ديپيڪا به پنهنجي ڌيءَ دُعا سان گڏ ان ئي علائقي جي سي ويو منظر سان زندگي جا مزا وٺي رهيا آهن.